ملير مان 2 ٻار گم، وارث پريشان، ڳولا جي اپيل

ملير ( ڊ ر  ) شاه لطيف ٿاڻي جي حد عبدالله ڳوٺ جا رهواسي 14 سالن جو علي شير ولد اشرف ڪنڀر ۽ 12 سالن معروف ولد غلام رسول ڪنڀر گذريل ٽن ڏينهن کان پر سرار طور گم ٿي ويا آهن وارثن طرفان ڳولا باوجود پتو نه پئجي سگهيو آهي  ٻارڙن جي وارثن علي شير جي والد محمد اشرف ڪنڀر ۽ معروف جي والد غلام رسول ڪنڀر صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان جي ڪهن سان دشمني ناهي ڇوڪرا فارغ ٽائيم ۾ سائيڪلون ڪرائي تي کڻي گهمندا هئا، اوچتو گم ٿي ويا آهن حد جي ٿاڻي تي اطلاع ڏنو آهي پر پوليس ڳولا ۾ سنجيده ناهي هنن ايس ايس پي ملير ۽ ايس ايڇ او شاهه لطيف سميت علي’ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان جي ٻچڙن جي ڳولا ۾ مدد ڪري گهر ۾ پکڙيل بي چيني ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو