ملير جي صحافين تي ڪوڙي ڪيس خلاف احتجاج جاري

ڪراچي (نمائندن وٽان) ملير جي شاهه لطيف ٿاڻي جي ايس ايڇ او پاران صحافين شهزادو مستوئي، سميع ابڙو ۽ زوهيب راجپوت خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ملير، ڌاٻيجي، نوابشاهه ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهر ا ڪيا ويا.  بينظيرآباد پريس ڪلب جو ھنگامي اجلاس صدر اي ڪي ڏاھري جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو جنھن ۾ سنڌ اندر صحافين خلاف ايف آئي آر داخل ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي.

Journalists Meeting to condemn against lodging fake case against Malir Journalists

آئي جي سنڌ ، وزير اعلي سنڌ سميت چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته صحافين کي پنھنجي فرض جي ادائگي دوران روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ لاء پوليس ۽ ڪجھ مافيائون ملي ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪري حراسان ڪن پيا. جيڪو عمل آزاد صحافت تي حملو آهي. واقعي جي جاچ ڪري ايس ايڇ او خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. ڪوڙي ڪيس خلاف ملير پريس ڪلب ڌاٻيجي ۽ ٻين علائقن جي صحافين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي احتجاج ۾ سينيئر صحافي زوهيب زرداري سميت سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جيڪي پوليس گردي بند ڪيو صحافين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ بند ڪيو جا نعرا هڻي رهيا هئا، صحافين کي هيسائڻ لاءِ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ کان سواءِ پوليس وٽ ٻيو ڪو به حربو ناهي پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪندڙ ايس ايڇ او شاهه لطيف کي هٽائي صحافين انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو