ملهه پهلوانن کي گهر ۽ نوڪريون ڏنيون وڃن

ٺٽو(رپورٽ عزيز سرواڻ )سنڌ جي ملهه پهلوانن جي اوليت جي بنياد تي مالڪي ڪري ضلع سطح تي ملهه پھلوانن لاء رھائشي ڪالونيون جوڙي کين مفت رهائشي گهر ڏيئي کين سرڪاري کاتن، نجي ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ کين  مستقل ملازمتون ڏيڻ جي خاص ڪوٽا مقرر ڪئي وڃي، اهڙي گُهرَ سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکي ٻئي جوڙ جي بهترين ملھ پهلوانن عنايت خاصخيلي ۽ راهب لاسي سان ملھ پهلوانن جي مشڪلاتن ۽ مسئلن تي ڪيل بيٺڪ ۾ ڳالھائيندي ڪيو. ھن چيو ته ملھ راند سنڌ جي قومي ۽ قديمي راند آھي پر افسوس جو ان راند کي سرڪاري سطح تي ڪا خاص اهميت نٿي ڏني وڃي جنهن ڪري ان راند جا رانديگر ڪسپرسيء واري زندگي گزاري رهيا آھن، ھن چيو تہ هيء واحد راند آھي جنهن جا پهلوانن فقط عشق ۽ پنهنجي قومي راند کي قائم رکڻ واري جذبي تحت کيڏي رهيا آھن، پر سنڌ حڪومت جي راندين وارو کاتو غيرمقامي راندين کي ته هٿي وٺرائي ٿو، پر پنهنجي صوبي جي قومي راند کي هٿي وٺرائڻ سندن ايجنڊا ۾ ئي شامل نٿي لڳي ،سنڌ ڪلچرل فورم جي باني صادق لاکي ۔پهلوان عنايت خاصخيلي ۽ راهب لاسي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته ملھ پهلوانن کي فوري طور رهائشي ڪالونيون ٺھرائي ڏيڻ سميت بيمار معذور ۽ ريٽائر ملھ پهلوانن جي فوري مالي سهائتا ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو