ملتان جلسو هر حال ۾ ٿيندوعوام اسان سان گڏ آهي،بلاول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 30 نومبر تي ملتان ۾ جلسو ضرور ڪيو ويندو,عوامي طاقت اسان سان گڏ آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي لکيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) حڪومت ملتان ۾ پ پ جي يوم تاسيس کان ڊنل آهي ۽  حڪومت هڪ دفعو ٻيهر ڪارڪنن تي حملو ڪيو. هن چيوته 30 نومبر تي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم جي ميزباني ڪنداسين ۽ آصفه ڀٽو منهنجي نمائندگي جي لاءِ ملتان پهچي رهي آهي. ملتان ۾ جلسو ته ضرور ٿيندو. واضح رهي ته حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومين(پي ڊي ايم) ملتان ۾ پاور شو لاءِ بضد آهي پر انتظاميه اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري رهي آهي.جلسي کان اڳ ئي پوليس ۽ جيالن وچ ۾ رات دير سان ٽڪرائو ٿيو. پوليس پاران ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو ۽ يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي  گيلاني سميت 30 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي پوليس جي وڏي نفري طلب ڪرڻ تي ڪارڪن واپس هليا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو