ملاڻا برادري جو پوليس خلاف احتجاج، انصاف جي اپيل

سلطانپور(قربان علي مهر) ڳوٺ غلا محمد  ملاڻو جي رهواسين محمد يوسف، ابوبڪر، مائي ساجده، مائي نجما ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان جا ڇوڪرا روجو مهيسر وڃي رهيا هئا جتي معمولي ڳالهه تان مهيسر برادريء جي ڪجهه ماڻهن سان منهن ماري ٿي پئي، جنهن بعد اسان مٿان ڦر جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو ۽ ڪينٽ پوليس اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي. هنن ٻڌايو ته اسان جي گهرن تي پوليس چڙهائي ڪري گهرن کي باهيون ڏنيون، اسان جا ٻه ٽريڪٽر، ٻه موٽر سائيڪلن سميت 40 مينهون ۽ اناج پوليس کڻي وئي آهي ۽ گرفتارين لاء تنگ ڪري رهي آهي هنن آء جي سنڌ، ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو