ملاله يوسفزئي جي ٽڪ ٽاڪ جي دنيا ۾ انٽري

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) ملاله يوسفزئي به وڊيو شيئرنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ کي جوائن ڪري ورتو آهي ۽ هن پنهنجي پهرين وڊيو ۾ پنهنجي پسنديده شين بابت ٻڌائي ڇڏيو آهي.دنيا جي ننڍي عمر واري نوبل انعام ماڻيندڙ ملاله  يوسفزئي به ٽڪ ٽاڪ جي دنيا ۾ قدم رکي ڇڏيو آهي. هن پنهنجي پهرين ٽڪ ٽاڪ وڊيو ۾ پنهنجو تعارف ڪرائڻ سان گڏ پنهنجي پسنديده شين جي باري ۾ ٻڌايو ۽ ان وڊيو کي انسٽاگرام تي شيئر ڪيو آهي. ملاله  يوسفزئي وڊيو ۾ پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو آهي ته هاءِ ٽڪ ٽاڪ منهنجو نالو ملاله يوسفزئي آهي، مان 23 سالن جي آهيان ۽ ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان ڪم ڪندي آهيان. شايد اوهان مان ڪجهه ماڻهو مون کي اڳ ئي سڃاڻيندا هجو شايد اوهان مان ڪجهه ماڻهو منهنجي گڏيل قومن ۾ ڪيل تقرير ٻڌي هجي يا شايد ڪجهه ماڻهن منهنجي ڪتابآءِ ايم ملاله پڙهي هجي.ٿي  سگهي ٿو ته اوهان مان ڪجهه ماڻهو مون کي سڃاڻندا به نه هجو هتي مان پنهنجو تعارف ڪرائيندس. مان تازو ئي آڪسفورڊ يونيورسٽي مان  گريجوئيٽ ڪيو آهي. مون کي شوز ۽ ڪاميڊي پسند آهي ان کان علاوه ڪتابون پڙهڻ به سٺو لڳندو آهي. ان کان علاوه مان گذريل 12 سالن کان سڄي دنيا جي ڇوڪرين جي تعليم ۽ محفوظ معيار واري تعليم جي لاءِ سرگرم آهيان. ملاله پنهنجي وڊيو ۾ ويورز تي آمريڪا ۾ فنڊ گڏ ڪرڻ واري مهم(گيونڪ ٽيوزڊي) ۾ چندو ڏيڻ تي زور ڏنو. ان کان علاوه هن ماڻهن کان ملاله فنڊ کي سپورٽ ڪرڻ جي به گذارش ڪئي. ملاله جي 56 سيڪنڊن جي هن وڊيو کي هزارين لائيڪ مليا آهن. واضح رهي ته ملاله يوسفزئي هلندڙ سال آڪسفورڊ يونيورسٽي مان فلاسفي، سياست ۽ اڪنامڪس ۾ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي آهي ۽ هو ٽڪ ٽاڪ ايپ کي چيريٽي فنڊ ۾ عطيو ڏيڻ جي اپيل جي لاءِ استعمال ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو