ملازمن جي برطرفي خلاف پي پي پاران احتجاج

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ امداد بنگوار)پيپلز پارٽي ضلع ڪشمور طرفان وفاقي حڪومت پارران هزارين ملازمن کي برطرف ڪرڻ، پاڻي جي کوٽ، بجلي ۽ گئيس جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو. پ پ ضلع ڪشمور جي جنرل سيڪريٽري مير الطاف احمد کوسو جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن ڪنڌڪوٽ باء پاس تي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو، پيپلز پارٽي جي جيالن پاران عمران خان ۽ وفاقي حڪومت خلاف شديد نعريبازي، ڪنڌڪوٽ باء باس رئوف پمپ وٽ پ پ ڪارڪنن انڊس هاء وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ جي آمد رفت معطل، پيپلز پارٽي ضلع ڪشمور جي جنرل سيڪريٽري مير الطاف احمد کوسو جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن ۽ عهديدارن احتجاجي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ضلع جنرل سيڪريٽري مير الطاف احمد کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت پاران پاڻي جي هٿراڌو ڪمي ڪري سنڌ جي ذريعي زمينون غير آباد ڪرڻ ۽ 17000 هزار ملازمن کي برطرف ڪرڻ، بجلي ۽ گئيس جي لوڊشنگ ۽ مهنگائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ وفاقي حڪومت ۽ نيازي سرڪار کان مطالبو ٿا ڪريون ته جلد کان جلد برطرف ڪيل ملازمن کي بحال ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جڏهن کان عمران خان وزير اعظم ٿيو آهي تڏهن کان پاڪستاني قوم مشڪلاتن جو شڪار آهي حد کان وڌيڪ مهنگائي بجلي ۽ گئيس جي لوڊشنگ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي احتجاجي ڌرڻي ۾ پيپلز پارٽي جي ورڪرن ۽ عھديدارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جن ۾ صادق حسين گولاٽو قربان علي بنگوار  مير اعجاز خان سولنگي ڏاڏو جکراڻي موريو خان جکراڻي امداد حسين بنگوار اسد الله کوسو شبانه ملڪ  علي محمد چاچڙ شهزادو کوسو حيدر ڏاهاڻي طارق سرڪي عالمگير ڪوش رضا چاچڙ ۽ ٻيا شامل هئا۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو