مقتول جي وارثن جو ڌرڻو، پوليس پاران 2 جوابدارن گرفتار

ٺل (ن سنڌيار) ايس ايس پي جيڪب آباد طارق نواز چيو آهي ته پوليس ٺل ۾ قتل ٿيل احمد نوناري ۽ سعيد ڀٽي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدار عظمت گهنڃو ۽ محمد بخش گهنڃو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. هفتو اڳ بجلي جي تار لڳائڻ تان ٿيل جهيڙي ۾ سعيد ڀٽي فوت ٿي ويو هو جڏهن ته ٻيو زخمي به احمد نوناري به بعد ۾ فوت ٿي ويو هو. سندن وارثن جي فرياد تي پوليس ڄاڻايل جوابدار گرفتار ڪيا آهن. فوتي ڊاڪٽر احمد نوناري جي وارثن گهنڃا برادري جي گهرن کي باهيون ڏئي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو هو. جنهن بعد ضلعي جي مختلف پوليس اسٽيشنز تان وڏي نفري گهرائي صورتحال تي ضابطوآندو ويو. مقتول جي وارثن لاش رهبر چؤڪ تي رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو. مڇريل ماڻهن جي فائرنگ سبب پوليس اهلڪار به زخميٿي پيو جنهن کي  اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته ٻه ٻيا پوليس اهلڪار جان بچائڻ لاء ڀرواري گهر ۾ لڪي ويا نوناري برادري هٿيارن سان گهر تي حملو ڪيو هو. گهر مالڪ پوليس اهلڪار کي پناھ ۾ رکندي دروازا بند ڪري هٿيار کڻي پهرو ڏيڻ لڳو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو