مقابلي ۾ ماريل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

شهدادڪوٽ (ڊ ر)ڪراچي پوليس هٿان مبينا مقابلي ۾ قتل ٿيل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاء چانڊيه برادري ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن جو ٻئي ڏينهن به احتجاج جاري رهيو. فيڪٽري ۾ مزدوري ڪندڙ پورهيت شهزادو چانڊيو جي قاتلن جي گرفتاري لاء ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب کان معتبر چانڊيو، ايس يو پي اڳواڻ آصف سارگاڻي، پي ٽي آء اڳواڻ آصف چانڊيو، ايس اين پي اڳواڻ انور مغل، عامر چانڊيو، عبدالرزاق چانڊيو علي رضا مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينر کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته نوجوان شهزادو چانڊيو روزگار سانگي  ڪراچي جي هڪ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو هو جيڪو روزانو هڪ دوست سان گڏ فيڪٽري ايندو ويندو هو جنهن کي فيڪٽري مان واپسي تي پوليس موٽر سائيڪل جا ڪاغذ چيڪ ڪرڻ جي بهاني بيهاري هن جي دوست کي ڪاغذ کڻي اچڻ لاء چيو سندس دوست جڏهن ڪاغذ کڻي شريف آباد ٿاڻي تي پهتو ته اتي هن جي موٽر سائيڪل بيٺي هئي پر نوجوان شهزادو نه هو ۽ بعد ۾ نوجوان جي پوليس هٿان قتل جي خبر پئي جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي هنن چيو ته نوجوان شهزادو چانڊيو جي قتل جي شفاف جانچ ڪرائي قتل ۾ ملوث پوليس اهلڪارن کي سزا ڏئي متاثر خاندان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو