مقابلي بعد 4 ڏوهاري گرفتار، 20 موٽر سائيڪلون برآمد

شيخ ڀرڪيو (مظفر علي بروهي )ھٽڙي  پوليس جو ڏوهارين سان مبينه مقابلو , فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ڏوهاري طوطو گھيلو 3 ساٿين ۽ هٿيارن سميت گرفتار سندس چار ساٿي ڏوهاري فرار ٿي ويا. ايس ايڇ او ھٽڙي  فاروق راھيپوٽو  دعويٰ ڪئي آهي ته ڳجهي اطلاع تي سنڌو دراءَ جي ڪپ لڳ مياڻي ٻيلو ڏوهارين جي موجودگي جو اطلاع ملڻ تي پوليس پهتي ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو.

Photo Sindhyar

مقابلي بعد ڏوهارين جون گوليون ختم ٿي ويون اسان گھيرو ڪري چار ڏوھاري گرفتار ڪيا ۽ چار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.گرفتار ٿيل ڏوهارين ۾ بدنام ڪانڀو خان عرف طوطو گھيلوسندر گھيلو پرويز ڪلوئي ۽ عبدالرشيد گھيلوکي گرفتار ڪري ورتا آهن ايس ايڇ او جو چوڻ هو ته گرفتار ڏوهاري حيدرآباد جي مختلف ٿاڻن ھٽڙي ھوسڙي  ٽنڊو ڄام پڃاري سميت ٻين حدن مان موٽر سائيڪلون ڦرون ۽ چوري ڪري اتي اچي وڪرو ڪندا آهن ۽ حيدرآباد جي پوري ضلعي ۾ انهن جو ھڪ گروپ آهي مقابلي دوران چار ڄڻا فرار ٿي ويا جن ۾ شوڪت  کوسو بلاول گھيلو خالق گھيلو مراد مڱواڻو شامل آهن مٿي ڄاڻايل جوابدارن وٽان  20 عدد موٽر موٽر سائيڪلون ۽ بغير لائنسنس وارا ھٿيار  مليا آهن جن خلاف پوليس مقابلو ڦر چوريون جو ھٽڙي  ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو