مفاهمت يا مزاحمت نه، شفاف چونڊون گهرجن، شهباز شريف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اپوزيشن ليڊر شھباز شريف چيو آھي تھ مزاحمت يا مفاهمت نه، اسان کي شفاف چونڊون گهرجن، 2023ع ۾ شفاف چونڊون ٿين ۽ سمورين پارٽيز کي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي. هن پي ٽي آءِ سرڪار تي تنقيد ڪندي چيو ته موجوده حڪومت چور دروازي کان آئي آهي، ماضي ۾ ڪنهن به پارٽي کي موجوده حڪومت جيتري اسٽيبلشمينٽ جي سپورٽ نه ملي، اُن باوجود نااهل حڪمرانن فائدو نه ورتو. ڪراچي ۾ مزارِ قائد تي حاضري بعد ڳالهه ٻولهه دوران شهباز شريف صحافين سان سنڌي ۾ مخاطب ٿيو ته ٽهڪڙا مچي ويا. هڪ سوال تي هن چيو ته  پيپلز پارٽي هڪ سياسي جماعت آهي ۽ ملڪ لاءِ اُن قربانيون ڏنيون آهن، اپوزيشن ليڊر جي حيثيت سان پ پ ۽ اي اين پي کي گڏ کڻي هلڻ منهنجي ذميواري آهي، حڪمرانن جو احتساب اسان جو فرض آهي، سليڪٽيڊ وزيراعظم جيڪي واعدا ڪيا، اُن تي تِر جيترو به عمل ناهي ڪيو هنن هر معاملي ۾ يوٽرن ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو