مغوي جي بازيابي لاءِ آپريشن، ڏوهارين جي گهرن کي باهه

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) دراني مهر ٿاڻي جي ڪچي واري علائقي ۾ ضلعي ڪشمور جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري جو ڳوٺ ڳھڻو ڀيو ڀرسان ٻھ ڏينھن اڳ بي سيڪشن ٿاڻو جي حد مان اغوا ٿي ويل ٺل واسي علي حسن بروھي جي بازيابي لا۽ علائقي جي بدنام ڏوھاري خادم ڀيو جي گهر تي چڙهائي ڪري سرچ آپريشن ڪيو.  پوليس ۽ جوابدارن جي هڪ ٻئي مٿان  فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. روپوش جوابدار  پوليس مٿان وقفي وقفي سان فائرنگ ڪري رھيا آهن. شام دير سان پوليس موٽي آئي. پوليس ذريعن موجب ڏوھاري گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن. پوليس خادم ڀيو، امداد ڀيو ۽ نورحسن ڀيو جي ٽن گھرن  کي باھيون ڏئي ساڙي ڇڏيو ، علائقي واسي خوف سبب گهرن تائين محدود ٿي ويا. واضع رھي ته ٻھ ڏينھن اڳ ھٿياربندن روڊ تي چڙھي ايندڙ ويندڙ گاڏين کان ڦر ڪرڻ دوران مزدا ڊرائيور علي حسن  بروھي کي اغوا ڪري سندس ٻڻ ساٿين کي گوليون ھڻي مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويا ھئا.

پهنجو تبصرو موڪليو