مغوين جي بازيابي لاءِ ڪچي ۾ آپريشن ناڪام، ڏوهاري فرار

غوثپور (عبدالنبي ملڪ) ضلعي ڪشمور جي مختلف ٿاڻن جي حد مان 7 ڄڻن جي بازيابي لاءِ مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري جو اي پي سي چئنن سان شھر ۽ ڀرپاسي مان اغوا ٿيل مغوين جي بازيابي لا۽ ڪچي جي ڳوٺ ويلو جاگيراڻي سميت مختلف ڳوٺن تي چڙھائي ۽ سرچ آپريشن۔ جوابدار پوليس کي ڏسندي ئي گھر خالي ڪري فرار  ٿي ويا۔ ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي۔ بدامني سبب عوام جو ساھ مٺ ۾ آيل آھي۔

Photo Sindhyar

گذريل ھڪ ھفتي کان شھر ۽ ڀرپاسي مان اڻ ڄاتل ھٿياربند ڳوٺ خاوند بخش بھلڪاڻي مان مريد بھلڪاڻي۔ غوثپور جي مئن بس اڏي تان مڇي فارم تان غلام عباس ۽ حامد ميراڻي۔ انڊس ھا۽ وي تان ڳوٺ دڙي سندراڻي جي ٻن نوجوانن صفدر ادراڻي ۽ اڪرم نصيراڻي۔  جي ڪچي مان ڌنار گنھور جعفري ۽ ڳوٺ جھنگل ميراڻي مان زاھد ميراڻي کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا آھن۔ ان موقعي تي ايس ايڇ او غوثپور اعجاز احمد کوسو روزاني سنڌ يار سان ڳالهائيندي چيو ته آپريشن جاري آهي جلد مغوي بازياب ڪرائي ڏوهارين کي گرفتار ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو