مغل بادشاهه بابر تي پاڪ ازبڪ فلم ٺاهڻ جو اعلان

تاشقند(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ازبڪستان جي هم منصب سان گڏ ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ مغل بادشاهت جو بنياد رکندڙ ظهير الدين بابر جي زندگي تي گڏيل پروڊڪشن ۾ فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته ازبڪستان جي علائقي فرگانه ۾ پيدا ٿيندڙ ظهير الدين بابر 14 فيبروري 1483 تي فرگانه جي گورنر عمر شيخ مرزا جي گهر اک کولي هئي.هو منگولن جي تيمور نسل مان هو ۽ 1504 ۾ هن ڪابل فتح ڪيو ۽ 1526 ۾ ابراهيم لوڌي کي پاڻي پٽ جي ميدان ۾ شڪست ڏئي هندوستان تي حڪومت جو بنياد وڌو جيڪو 3000 سال تائين آخري مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر تائي جاري رهيو، جنهن کان انگريزن هندوستان کسيو. عمران خان چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ثقافتي رشتو مظبوط ڪرڻ ۽ نوجوان نسل کي آگاهي ڏيڻ لاءِ اهڙا قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته بعد ۾ اقبل، مرزا غالب ۽ امام بخاري تي به فلمون ٺهي سگهن ٿين. ياد رهي ته ان کان اڳ عمران خان ترڪي سان گڏ ڊرامن جي تياري ۽ ارطغرل غازي جو ارد ترجمي سان پي ٽي وي تي نشر ڪرڻ جو حڪ۾ به ڏنو هو جنهن تي عمل به ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو