معصوم نينگر سان زيادتي جي ڪوشش، وارثن جو احتجاج

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي)بلڙي شاه ڪريم لڳ ڳوٺ يعقوب ڪپري م 8ورهين جي معصوم نينگر سان جنسي زيادتي جي ڪوشش، نينگر جي رڙين تي وارثن جي پهچڻ تي ملزم فرار ٿي ويو. پريس ڪلب ۾ ملزم جي زيادتي خلاف احتجاج ڪندي معصوم نينگر ذيشان جي والد راضي ڪپري صحافين کي ٻڌايو ته ڪالهه شام جو منهنجو پٽ ڳوٺ جي پٽڙي وٽ راند کيڏي رهيو هو ته ملزم ارشد پٽ محمد شريف ڪپري  منهنجي پٽ کي شئي وٺي ڏيڻ جي لالچ ڏئي کيس ڀر ۾ ڪمند جي فصل ۾ وٺي ويو نينگر جي والد ٻڌايو ته ملزم کي ڳوٺ جي هڪ عورت کيس ڏسي ورتو ۽ اسان کي اطلاع ڪيو ته مذڪوره ملزم جنهن اڳي به اهڙا ڪڌا ڪم ڪيا آھن اهو توهان جي نينگر کي سامهون واري ڪمند  جي فصل م وٺيو وڃي هن چيو ته اسان فورن ان هنڌ پهتاسين ته اسان کي ڏسي ارشد ڪپري فرار ٿي ويو اسان ان واقعي جي اين سي بلڙي شاه ڪريم ٿاڻي تي داخل ڪرائي پر جوابدار اڃان تائين گرفتار نه ٿي سگهيو آھي.معصوم نينگر جي پي ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان عابد علي بلوچ۽ ڊي ايس پي مجاهد علي شاه کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته مذڪوره بدنام جوابدار خلاف فورن سخت قانوني ڪاروائي ڪري کيس ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي ته جئين ڳوٺ جي ٻين معصوم ٻارڙن کي هن وحشي درندي جي ظلمن کان بچائي سگهجي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو