معصوم نيننگري گم، وارث پريشان، پوليس جي مدد طلب

خيرپور(سجاد علي ڪٻر) گمبٽ شهر جي پير محلا مان گذريل ڏينهن صبح جو ڪم سانگي نڪتل معصوم نينگري 7سالا نصرت ڌيءَ ديدار علي لاشاري پر اسرار نموني گم  ٿي وئي آهي وارثن پاران مختلف هنڌن تي ڳولها باوجود هٿ نه اچي سگهي  وارثن پاران اهڙو اطلاع ٿاڻي ڏنو ويو آهي هنن ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي آهي ته نينگري جي ڳولها ۾ مدد ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو