معصوم نياڻي سان ڏاڍائي، پوليس جوابدار گرفتار نه ڪيا

خيرپور(سجاد علي ڪٻر)ڪوٽڏيجي ڀرسان ڳوٺ مٺڙي ۾ گذريل رات گهٽي مان زبردستي خالي گهر ۾ کڻي وڃي معصوم نينگري صوبيا سان ٻن جوابدارن ارشد ۽ شمن رڏ پاران ڏاڍائي ڪئي متاثر نينگري جي وارثن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي نياڻي سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي جوابدارن زبردستي گهر کڻي وڃي ڏاڍائي ڪئي آهي پوليس ڏي ويا آهيون پر جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران ٽالمٽول ڪري رهي آهي نينگري جو اسپتال مان ميڊيڪل ڪرايو آهي هنن ڊي آء جي سکر , ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن ڪنهن ٻئي نياڻي سان اهڙو واقعو پيش نه اچي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو