معصوم مڪيش بيماري ۾ وٺجي ويو، وارثن جي علاج لاءِ اپيل

اسلام ڪوٽ(رپورٽ صادق بجير )ڪاري سون سان مالا مال ٿرڪول ايريا جي بلاڪ ٽو جي ڀرواري ڳوٺ ٽالهو ڀيل جي رهواسي پورهيت آنٻو ڀيل جو 8 ورهين جو معصوم پٽ مڪيش  گذريل 7 سالن کان پراسرار بيماري سبب هيٺيون ڌڙ سڪي وڃڻ توڙي  ٻئي ٽنگون ڦري وڃڻ سبب معذور بڻجي ويو آهي. جيڪو بيماري بعد کٽ تان اٿڻ ويهڻ کان به لاچار بڻيل آهي،مسلسل هڪ ئي کٽ تي اونڌو پيل هوندو آهي،والدين پاران بيماري ٿيڻ وقت شروع ۾ ته ٻار جو علاج ڪرايو ويو پر بعد ۾ غربت ۽ پئسو نه هئڻ سبب علاج ڪرائڻ مڪمل طور تي بند ڪيو ويو. سندس وارثن سرندي وارن کي اپيل ڪئي آهي ته انسانيت جي ناطي سان اسان جي معصوم ٻچڙي جو علاج ڪرائي سندن زندگي بچائي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو