معصوم سڪندر رند جا اڌورا رهجي ويل خواب

تحرير  ميرحسن رند  

ٽنڊو غلام حيدر يونين ڪائونسل حاجي صوڀو خان چانڊيو جي ڳوٺ محمد صديق رند جو رهواسي 14 ساله معصوم نينگر سڪندر علي رند  جنهن کي اچانڪ ڪاري نانگ  ڪکي وڌو جنهن بعد فوري طور کيس سندس معصوم جواني جي ڳڀرو زندگي بچائڻ خاطر علاج لاء ترت ٽنڊو محمد خان جي اسپتال پهچايو ويو پر سول اسپتال جي نااهل موجوده ڊيوٽي ڊاڪٽر زهر ڪڍڻ واري انجيڪشن نه هئڻ جو مسلسل جواز ڄاڻائي ڪافي وقت گذرڻ بعد کيس انجيڪشن لڳائي جنهن بعد سندس طبعيت زياده خراب ٿيڻ لڳي ۽ سندس دل جي دڙڪن وڌڻ لڳي جنهن جي ڪري کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد اسپتال نيو پئي ويو پر جسم ۾ نانگ جو زهر زياده ڦھلجڻ ۽ ڊاڪٽر جي لاپرواهي سبب سندس ساه جو سڳو شايد سول اسپتال ٽنڊو محمد خان ۾ ئي ٽٽي چڪو هو  ۽ هو اتي ئي فوت ٿي ويو هو پر وڏي افسوس ۽ ڏک جي ڳاله اها آهي ته ضلع ٽنڊو محمد خان جي سول اسپتال کي ڪروڙين روپيه بجيٽ ملڻ باوجود به اتي اهڙيون ڪي به سهولتون ميسر ناهن   جنهن سبب ڪافي معصوم گلن جهڙيون زندگيون موت جو کاڄ بڻجو رهجو وڃن خبر ناهي ته معصوم نينگر سڪندر علي رند جنهن کي ڪاري نانگ ڪکي وڌو.

Sikandar Rind h=who died due to snake bite, Photo of his life

جنهن جي زندگي بچائڻ لاء 30 ڪلو ميٽر کان 22 منٽ جي سفر دوران جڏهن سڪندر علي رند کي ٽنڊو محمد خان جي سول اسپتال آندو ويو جتي ان ڪاريهر نانگ کان به وڌيڪ ڊيوٽي تي موجوده ڊاڪٽر هو جنهن کي فوتي معصوم نينگر  سڪندر علي جي والد سميت توڙي  ٻين عزيزن ڊيوٽي ڊاڪٽر کي بار بار جلد انجڪيشن هڻڻ جون التجائون توڙي منٿون ڪندا رهيا پر بي رحم ڊاڪٽر کي نانگ ڪکائيل 14 سالن جي معصوم گلن جهڙي نينگر جي زندگي بچائڻ خاطر ڪوبه رحم نه آيو ۽ معصوم سڪندر علي رند ڪلاڪن جا ڪلاڪ اسپتال اندر ڊاڪٽرن اڳيان بيوس ٿي تڙپندو رهيو پر وقت جي جلاد ڊاڪٽر معصوم سڪندر علي رند جي زندگي کي موت جي طرف وڌندو ڏسي هڪ ڪلاڪ جي لڳ ڀڳ وقت گذرڻ باوجود زهر کان بچاء واري انجيڪشن لڳائي پر ان گهڙي سڪندر علي رند جي زندگي جو ٻرندڙ ڏيئو اجهامڻ ۾ باقي ڪي چند منٽ وڃي بچيا هيا ۽ ٿيو به ائين جو معصوم سڪندر علي رند جي ساه جو سڳو ته ان وقت اسپتال ۾ ئي ٽٽي چڪو هو پر وري به ڊيوٽي تي موجوده ڊاڪٽر ڳڀرو نينگر جي وارثن کي ريفر ليٽر ڏيئي حيدرآباد جي سول اسپتال روانو ڪرڻ جو مشورو ڏيئي موڪلي ڇڏيو جڏهن معصوم سڪندر علي رند کي ٽنڊو محمد خان جي اسپتال مان واپس کڻي وري سول اسپتال حيدرآباد آندو ويو ته ان وقت اتان جي ڊاڪٽرن سڪندر علي رند جي موت جي تصديق ڪري چيو ته افسوس جو معصوم نينگر کي کڻي اچڻ ۾ ڪافي دير چڪي آهي جنهن جي ڪري پوري جسم اندر ڪاريهر نانگ جو خطرناڪ زهر ڦهلجڻ سبب معصوم نينگر سڪندر علي رند جي زندگي جي تند هميشه لاء ٽٽي ويئي جنهن جو روح پنهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو وقت جي بي رحم وڇوڙي معصوم نينگر سڪندر علي رند جون اهي سموريون خوشيون کسي ورتيون ۽ سندس جيجل امڙ کان سڪندر علي جي منهن تي موڙ ٻڌڻ هٿن تي مهندي هڻڻ ۽ سندس شادي واريون رهجي ويل اهي سموريون حسرتون  خواب ۽ خوشيون ان پل کسي سندس جهولي کي هميشه لاء خالي ڪري کيس هڪ زنده لاش بڻائي ڇڏيو سڪندر علي رند جي زندگي ۽ موت بيشڪ الله پاڪ جي وس آهر هئي پر ڪاش ٿورو رحم ان وقت ان ڊاڪٽر جي بي رحماڻي دل مٿان گذري ها ۽ سڪندر علي رند جي زندگي بچائڻ خاطر ڊاڪٽر پاران ايڏي وڏي ڪوتاهي نه ٿئي ها ته شايد معصوم سڪندر علي رند جي ڳڀرو جواني جهڙي انمول هيرن جهڙي زندگي شايد بچي پوي ها ۽ سندس امڙ جون دل ۾  رهجي ويل سوين حسرتون ۽ خواب به ساڀيان ٿي پون ها ۽ سڪندر علي رند جي جواني شايد موت جي ور چڙهڻ کان بچي پوي ها پر ڪهڙي خبر ته اهڙي لاپراه ڊاڪٽر جي غفلت ۽ ڪوتاهي سبب معصوم گلڙن جهڙي حسين نينگر سڪندر علي رند جي زندگي جو ڏيئو ايترو جلدي ائين ئي هميشه هميشه لاء اجهامي ويندو جنهن سان گڏو گڏ معصوم سڪندر علي رند جون سموريون خوشيون ۽ اڀرندڙ جواني جا خواب به سڪندر جي زندگي ختم ٿيڻ بعد گڏو گڏ مٽي جي ڍير ۾ هميشه جيان ڍڪجي ويا ۽ سندس جيجل امڙ جون بچيل آسون اميدون خوشيون خواب ان گهڙي ماتم ۾ بدلجي ويا جڏهن معصوم سڪندر علي رند ان جيجل امڙ کان هميشه هميشه لاء وڇڙي ويو جنهن جي ڪري معصوم سڪندر علي رند جون به هزارين رهجي ويل دلي حسرتون پڻ اڌهوريون اڌهوريون رهجي ويون

پهنجو تبصرو موڪليو