معذوري جي عجيب مرض ۾ ورتل 25 گهر ڀاتين جو جيئڻ جنجال

سيٺارجا( خصوصي رپورٽ سجاد علي ڪٻر) ٺري ميرواهه جي شهر ڀرسان ڳوٺ سارنگ جوڳي ۾ هڪ خطرناڪ وائرس اچڻ سبب ڳوٺ جا 25 کان وڌيڪ مرد ، عورتون ۽ ٻارڙا معذور ٿي ويا آهن. پني گذر ڪندڙ هن خاندان جي معذور ماڻهن ۾ علاج ڪرائڻ جي سگه به ناهي، معذورن سنڌ جي وڏي وزير کي اپيل ڪئي آهي ته سندن علاج جو بندوبست ڪيو وڃي. معذورن ۾ علي محمد جوڳي ، محمد ارباب ، محمد طاهر ، محمد نعيم ، محمد ارشد ، سراج فقير، فيروز گل ، محمد يعقوب، غازي خان ، هاشم ، ضمير حسين ، عيدل ، منان جوڳي ، مسمات سيما ، جينوڙا خاتون، سجنا ۽ مهڪ جوڳي وڏي عرصي کان معذور بڻيل آهن بيماري جو شڪار ٿي معذور ٿيل ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ڪجهه ماڻهون ڄمڻ سان ئي معذور ٿيو وڃن جڏهن ته ڪجهه 8 ، 10 سالن کان پوءِ گوڏن کان هيٺ ٽنگون سڪي وڃڻ ڪري معذور ٿيو وڃن ٿا

اهو پڻ ٻڌايو ته معذوري کان اڳ ۾ طبيت خراب ٿي وڃي ٿي ۽ پوءِ آهستي آهستي گوڏن کان هيٺ ٽنگون ڪمزور ٿي وڃن ٿيون ۽ هلڻ ڦرڻ کان ڪي ويهجي وڃن ٿا ته ڪي وري سهاري سان هلن جنهن ڪري اسين انتهائي پريشاني ۽ تڪليف واري زندگي گذاري رهيا آهيون خاص طور تي  ڪمائڻ وارا مرد معذور ٿي وڃڻ ڪري گهر جو چلهو ٻارڙڻ ۽ ٻارڙن جي تعليم، شادي، غمي ، عيد برات جون خوشيون ڄڻ اسان کان رسي ويون آهن ان کان علاوه معذوري سبب نياڻين توڙي نوجوانن جون شاديون پڻ وڏو مسئلو بڻيل آهن هنن ٻڌايو ته اهڙي صورتحال باوجود صحت کاتي پاران ڪڏهن به اسان جي ڳوٺ ۾ ڪا ڪئمپ قائم ڪري هن بيماري بابت ڪا به ڄاڻ ناهي ورتي جڏهن ته مقامي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هن بيماري تي مڪمل تحقيق جي ضرورت آهي جنهن لاءِ ماهر ڊاڪٽرن ۽ ٽيسٽن جي ضرور پوندي جيڪي ڪراچي يا ڪنهن ٻئي وڏي شهر ۾ ٿينديون جيڪا شي اسان جي وس کان ٻاهر آهي ڇوته اسين پاڻ معذوري ۽ شديد ترين معاشي پريشانين جي ڪري بک ۽ بدحالي جو شڪار آهيون ۽ پني گذر سفر ڪيون پيا ، ورتل ڄاڻ موجب معذور ٿيلن ۾ هڪ ئي گهر جا 6 ڀاتي پڻ شامل آهن جن جي معذوري سبب زندگي عذاب بڻيل آهي متاثرين اهو پڻ ٻڌايو ته اهڙي صورتحال باوجود اسان کي اڄ ڏينهن تائين نه بينظير انڪم سپورٽ جو فارم مليو آهي نه صحت ڪارڊ مليو نه زڪوات نه گذر الائونس نه وري اسان جي نوجوانن کي معذور ڪوٽا تحت ڪا سرڪاري نوڪري ملي سگهي آهي هنن  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سنڌ هاءِ  جي چيف جسٽس کان گهر ڪئي ته سندن ايندڙ نسل کي بچائڻ لاءِ هن موضي مرض جي  تحقيق ڪري سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي ڏنو وڃي ۽ اسان جي مالي مدد ڪئي وڃي جيئن اسين عزت سان زندگي گذاري سگهون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو