معذوري بعد 5 ٻارڙا اکين جي نور کان به محروم بڻجي ويا

نواب شاھ (اي ڪي ڏاھري) دولت ڪالوني جي رھواسي پورھيت جعفر ڀٽي کي 8 ٻارن جو اولاد آھي جنھن مان 5 ٻار ذھني معذوري جا شڪار ٿيڻ سبب ھلڻ ڦرڻ سان گڏ اکين جي نور کان محروم ٿي ويا آھن. متاثر ٻارڙن جي والدين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجا ٻار پيدائشي معذور ناھن منھنجي ٻچڙن کي پھرين بخار ٿيندو ھئو ۽ بعد ۾ ذھني معذور ٿيڻ کان پوءِ اکين جي نور کان محروم ٿي ويا آھن آئون مزدوري ڪري مشڪل سان گھر جو گذر ڪندو آھيان ۽ ڪرائي جي گھر ۾ رھندو آھيان مون ۾ سگھ ناھي ته مان پنھنجي ٻارڙن جو علاج ڪرائي سگھان. مان وس وارن سميت پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت سنڌ حڪومت کي اپيل ٿو ڪريان ته منھنجي معصوم ٻارڙن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي .جڏھن ته سوشل ورڪر سندس پاڙيسري انيلا رفيق ملاح ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آئون ھنن جي پاڙيسري آھيان پنھنجي وس آهر ھنن جي مدد ڪندي آھيان چونڊيل نمائندن کي اپيل ٿي ڪريان ته خدارا ھنن معصومن جي مدد ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو