معذورن جو امداد لاءِ گاهه کائي انوکو احتجاج

ٺل(ن س)ڪورونا وائرس سبب حڪومت پاران لڳايل لاڪ ڊائون کي ٽي هفتا مڪمل ٿي چڪا آهن پر مستحقن کي راشن نه ملي سگهيو آهي جنهن ڪري مزدور فاقاڪشي جو شڪار بڻجي ويا آهن مستحق ماڻهن کي ضلعي جيڪب آباد ۽ تعلقي انتظاميه راشن نه ڏيڻ جي ڪري معذورن پاران پريس ڪلب ٺل اڳيان گاھ کائي انوکو احتجاج ڪيو، احتجاج ڪندڙ غوث بخش ٻرڙو، بشير احمد جمالي ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته ٺل ۾ سرڪار پاران ڏنل راشن غريب مستحقن نه ڏنو ويو آهي هتان جا راشن انتظاميا من پسند ماڻهن کي ڏنو ويو آهي، اسان غريب نه ڪمائڻ جهڙا آهيون نه ئي ڪو اسان جو ڪو روزگار آهي،پنهنجي ٻچن سميت بکون ڪاٽي رهيا آهيون،اسان کي راشن ڏنو وڃي ته جئين گهر جو چلهو هلي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو