اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۾ پھريون ڀيرو ماحول دوست اليڪٽرڪ بائيڪ ‘جولٽا اليڪٽرڪ’ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم عمران خان تقريب کي خطاب ڪندي چيوتھ مافياز پاليسيز تبديل ڪري ڇڏينديون آهن ۽ پنهنجي فائدي لاءِ فيصلا ڪنديون آهن، اليڪشن بدران مستقبل جي سوچ رکندڙ ملڪ ترقي ڪندا آهن، اسان کي سوچ تبديل ڪري ملڪ لاءِ نئون روڊ ميپ ڏيڻو آهي، وزيراعظم عمران خان چيوته شهرن لاءِ ماسٽر پلان ٺاهي رهيا آهيون ته جيئن آبادي جي پکيڙ ۽ ٻين مسئلن کي روڪي سگهجي، لاهور جيان ڪراچي ۾ به گدلاڻ خطرناڪ حد تي پهچي چڪي آهي، سڄو نيڪال سمنڊ ۾ وڃي ٿو، اليڪٽرڪ گاڏيون ۽ بسز آڻينداسين ته جيئن ماحولياتي گدلاڻ کان بچي سگهجي، ملڪي معيشت هاڻي ترقي ڪري رهي آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هن سال 26 ارب ڊالرز جي ايڪسپورٽ ٿي آهي، اسانکي اهڙا قدم کڻڻا پوندا ته جيئن آءِ ايم ايف ڏانهن نه وڃڻو پئي. معاشي ترقي ايڪسپورٽ وڌائڻ سان ئي ممڪن آهي. پاڪستان وٽ ايترا قدرتي وسيلا آهن جو هڪ امير ملڪ آهي ڪنهن وٽ وڃڻ جي ضرورت ناهي رڳو نيڪ نيتي سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي. اڄ پوري دنيا ماحولياتي تبديلي جي ڪوششن ۾ پاڪستان کي مڃي ٿي. هن چيو ته پهريون ڀيرو ملڪ ۾ ڊگهي مدت واري رٿا بندي ٿي رهي آهي. چين جي ترقي 10 کان 30 سالن جي منصوبا بند ي سبب ممڪن ٿي. ان کان اڳ خسرو بختيار خطاب ڪندي چيو ته آٽو پاليسي سبب ملڪ 75 هزار نوڪريون ڳوٺڻ ۾ ملنديون 30 لک موٽر سائيڪلون تيار ٿينديون ۽ 5 لک گاڏيون ٺهنديون.
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو