معاشي بدحالي سان عوام جي قسمت نٿي بدلائي سگهجي،بلاول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ عمران خان جي عادت آهي. پاڪستان ۾ 21 سيڪڙو کان وڌيڪ غربت  واري شرح معاشي ترقي جي دعوائن کي غلط ثابت ڪري رهي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تحريڪ انصاف جي معاشي بدحالي کي معاشي ترقي جو نالو ڏيڻ سان عوام جي قسمت نٿي بدلائي سگهجي هن چيو ته آخر ڇو پي ٽي آءِ خيبرپختونخواهه جي وڏن تعليمي ادارن جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ڪري رهي آهي.؟ بلاول ڀٽو زرداري چيو غربت واري شرح ڳڻتي جوڳي صورتحال طرف اشارو ڪري رهي آهي جڏهن ته تباهه ڪندڙ مهانگائي سبب عام ماڻهو جو جيئڻ مشڪل ٿي ويو آهي.هن چيو ته مهانگائي کان ڇوٽڪاري جي لاءِ عمران خان جي اسٽيٽس کي ٽوڙڻ تمام ضروري ٿي پيو آهي. عمران خان کي  اڃان تائين خبر ئي ناهي ته ملڪ ڪيئن هلندو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته اڌ صدي جو تجربو رکندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي اها واحد پارٽي آهي جيڪا ملڪ جي معاشي ترقي کي صحيح رستي تي آڻي سگهي ٿي. تباهه ڪندڙ مهانگائي عام ماڻهو جو جيئڻ مشڪل ڪري ڇڏيو آهي.اهڙي صورتحال ۾ معاشي ترقي جون ڪوڙيون ڳالهيون ڪري عوام کي وڌيڪ ڪاوڙ ڏياري پئي وڃي.  هن چيو ته معاشي مسئلن کان اڻڄاڻ عمران خان اقتدار تي ته ويهي رهيو پر کيس اڃان تائين اها خبر ئي ناهي ته ملڪ ڪيئن هلايو ويندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو