معاشري جي رسمن ۽ رواجن ۾ جڪڙيل انسان

ليکڪ: ساجدتيوڻو

 دنيا جي ھر قوم پنھنجي ثقافت، تھذيب،رسمن ۽ رھڻي طور سڃاتي وڃي ٿي ڪنھن به دور ۾ ثقافت ۽ تھذيب مٽائڻ يا ڇڏڻ ناممڪن آھي پر اھڙيون رسمون جيڪي جديد دور جي حساب سان مناسب ناھن انھن کي اپنائڻ بہ ھڪ وڏو مسئلو آھي ائين کڻي سمجھجي ته  اڄ جو جديد دور  مقابلي جو دورو پڻ آھي جنھن لاء تعليم لازمي آھي ان جي باوجود ٻھراڙيءَ وارن علائقن ۾ ھٿ ٺوڪيا پراڻا رواج ۽ رسمن کي اڄ به وڏي اھميت ڏني پئي وڃي ھڪ نظر سنڌ ڌرتي تي ڦيرائيجي ته  سنڌ ڌرتي جنھن جي ثقافت ۽ تھذيب ھزارين سال پراڻي آھي سنڌ جي ٻھراڙيءَ وارن علائقن ۾ رھندڙ ماڻھو ڀلي کڻي ڪيترا به سادا ڇو نه ھجن پر جديد دور جي ٽيڪنالاجي مان فائدو ته حاصل ڪري رھيا آھن پر  اھڙن انساني حقن  رسمن ريتن رواجن کي پنھنجي انا جو مسئلو بڻائي ان تي ھر حال ۾ عمل ڪرائي رھيا آھن جيڪو جديد دور جي تقاضائن خلاف آھي منھنجي لکڻ جو مقصد ڪنھن جي دل آزاري ڪرڻ ناھي پر مان سمجھان ٿو ته سڱاوتي رسمون جنھن ۾ ننڍي ھوندي پنھنجي ٻارن لاءِ رشتو منتخب ڪرڻ  جيڪو ٻار اڃا نه ڳالھائي ٿو سگھي جنھن کي پنھنجي مستقبل جي خبر ئي ناھي ان جي زندگي جا وڏي ۾ وڏا فيصلا ٻالڪپڻ ۾ ان جا مائٽ ڪري ڇڏيندا آھن.پوء جڏهن ھو وڏا ٿيندا آھن ۽ سوچڻ ۽ سمجھڻ ٿيندا آھن ته انھن جا خيالات جذبات تبديل ٿي ويندا آھن ۽ پوء ھو سمجھندا آھن اسان پنھنجا فيصلا پاڻ ڪري ٿا سگھون اھو سوچيندا آھن ته اسان جي والدين جي  انا وڏائي ته منهنجي ته فلاڻي سان زبان ٿيل آھي ته ان جي ڌي جي شادي توسان ڪرائيندس جنھن کي سندس والد اسڪول وڃڻ نه ڏنو ته ڇوڪري کي پڙھائڻ  سان ڇوڪري خراب ٿيندي آھي اھڙي سوچ رکندڙ ان جو والد آھي يا پنهنجي ڌئ جي شادي ھن سان ڪرائينديس جيڪو اڻپڙھيل سگريٽي ۽ ھر لفظ تي گار ڪڍي ڳالھائي ٿو اھڙو ان جو پٽ آھي  انھي والدين جي انا ۽ وڏائي ۾ پيسجڻ وارا اسين اوھين ھوندا آھيون والدين جنهن کي ڌمڪائي چوندا آھن شادي توکي انھي سان ڪرڻي آھي اھو پٽ ھجي يا ڌي ھجي اولاد ان جي اڳيان پنهنجي حق جي ڳالھ ڪري ته بجاء انجي ڳالھ ٻڌڻ جي چوندا آھن ته ٻ اکر پڙھيا آھن والدين جي نافرماني ٿا ڪن ھاڻي اھڙي قسم جا دڙڪا داٻا ڏيئي ڊپريشن ۾ وجھي توھان انھن کي چپ ڪرائي وٺندا آھن پر ان ۾ نقصان سو فيصد والدين ۽ ان اولاد جو ئي ھوندو آھي  اگر ڌي پڙھيل آھي ان کي اڻپڙھيل ۽ انجي پڇڻ کان بغير جيڪو اسلامي شرعي حق رکي ٿي ان کان محروم ڪري والدين انھن جي شادي ڪنھن اھڙي ماڻھو سان ڪرائيندا جنھن جي سوچ ھڪ ٻئي سان نه ملندي ۽ نه ئي وري گڏ ھلي سگھندا والدين اھڙا فيصلا ڪندا ته اولاد پنهنجي حق لاء غلط رستو اختيار ڪندو نتيجي ۾ ڇا ٿيندو آھي جو اگر پڙھيل ڇوڪري آھي اھا پنھنجا ننڍي ھوندي جا سڳاوتي رشتا توڙيندي آھي جيڪو سگريٽي  سوٽ ماسات يا ماروٽ ٿي سگھن ٿا اھي ڇو جو ان کي پنهنجي ايندڙ نسل جي فڪر ھوندي آھي اھا فڪر صرف ان کي ٿيندي جيڪي علم وارا ھوندا ۽ ڇوڪرو به ايئن ڪندو ڇو جو ھو به ته علم وارو آھي ھن کي پنهنجي ايندڙ نسل جي فڪر ھوندي ھو چاھيندو ته منھنجي زندگي جي ساٿي اھڙي ھجي جيڪا ھن جديد دؤر جي حساب سان منھنجي اولاد جي پرورش ڪري سگھي..ھاڻي والدين کي سوچڻ گھرجي ته ان پراڻي رسمن ريتن رواجن ء انا کي ختم ڪري جديد دور جي حساب سان پنھنجي اولاد جي پرورش ڪري انھن کي تعليم جي زيور سان نوازين ۽ ننڍي ھوندي رشتا منتخب نه ڪن ۽  انھن جي مرضي مطابق شادي ڪرائين جيڪي انساني حقن توڙي قانوني توڙي شرعي حق آھن انھن جو پنهنجي ڏاڍ ۽ جبر سان غلط استعمال نه ڪن ۽ پنهنجي اولاد کي پنهنجو سمجھي ان لاء دؤر جي عڪاسي ڪري فيصلا ڪيو جيئن انھن اڳيان اوھان جي زندگي ڀر عزت رھي ۽ اوھان کي پنهنجي مثالي شخصيت سمجھن ايئن ڪرڻ سان گھر سڌرندو ۽ معاشري ۾ وڌيڪ بھتري ايندي.

پهنجو تبصرو موڪليو