معاشرتي بهتري لاءِ گڏيل ڪردار جي ضرورت!

ليکڪ ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

گذريل ڪالم ۾ سماج اندر بگڙجندڙ صورتحال ۽ انهن واقعن پٺيان اصل ڪارڻ ۽ ذميواري واري اِشو تي عرض ڪندي موضوع کي اڳتي جاري رکڻ جو چيو هيو ته اڄڪالهه جتي حوا ڄائين سان گهرن اندر توڙي ٻاهر گڏوگڏ عوامي هنڌ هجي يا يونيورسٽي ۽ ڪاليج هجن، اتي ته روزانو جي بنياد تي طرح طرح جا افسوسناڪ واقعا پيش اچن ٿا. ايتري تائين جو گذريل ڏينهن دادو ضلعي مان هڪڙي خبر شايع ٿي ته هڪ پيش امام، جيڪو عمر ۾ به 60 سالن کان وڌيڪ جو لڳي رهيو هو، تنهن هڪ مستاني نياڻي کي مسجد ۾ وٺي وڃي زيادتي جو نشانو بڻايو يعني اڄ جو بي حس مرد ڪنهن مستاني نياڻي کي به بخشڻ لاءِ تيار ناهي، ڪجهه وقت پهريان ڪشمور ضلعي جي تنگواڻي مان به اهڙي وحشتناڪ خبر شايع ٿي هئي، جتي ٻن جوابدارن هڪ اڌ دِماغ نياڻي کي موٽر سائيڪل تي کڻي وڃي ڪنهن ويران هنڌ زيادتي جو نشانو بڻائي کيس ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا هئا.

مون ڪافي وقت پهريان جڏهن 20 سال اڳ افغانستان ۾ ملا عمر جي قيادت دوران طالبان پاران اسلامي نظام لاڳو ڪري ملڪ تي قابض ٿيا هُئا ته انهي دوران ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته افغانستان مان آيل پناهگيرن پوري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ديرو ڄمائڻ سان گڏوگڏ حيدرآباد ڊويزن جي مختلف شهرن خاص ڪري ڪوٽڙي کي ته ڪابل ۽ قنڌار جي ڪئمپ بنائي ڇڏيو هو ۽ اڄ سوڌو اُها لوڌ اتي ڪاروباري سرگرمين سان گڏوگڏ ڪوڙا شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل ٺهرائي نوڪرين جي مد ۾ به ڀاڱي ڀائيوار ٿي ويٺل آهي. شروعاتي ڏينهن ۾ ته اُهي افغاني جن کي يقينن اردو ڳالهائڻ به ڪونه ايندي هُئي، سالن تائين مارڪيٽ توڙي بازارن ۾ اشارا ڏئي خريداريون ڪندا هُئا پر وقت جي رفتار سان هاڻ ته اُهي ٿوري گهڻي سنڌي به ڳالهائڻ سکي ويا آهن، ڇوته سنڌي ماڻهن ئي سخاوت جو ٺيڪو کنيو آهي. جيڪو ٺيڪو نه رڳو افغانين ۽ بنگالين لاءِ کنيو ويو پر گڏوگڏ سنڌ جي ماڻهن ۽ تنهن وقت جي سنڌ جي حڪمرانن انهن ڏينهن به پوري سنڌ جي مختلف ريلوي اسٽيشنن تي مهمانوازي جا دسترخوان وڇايا هُئا، جڏهن انڊيا مان آيل لوڌ پنجاب مان ڌِڪا کائي هت سنڌ ۾ پُهتا هئا ته سنڌ جا ماڻهو ته اصلوڪا مهمانوازي جا شوقين آهن ۽ اڄ سوڌو به ايتريون ويساهه گهاتيون، ٺڳيون، منافقتون ڏسڻ کانپوءِ به تازو جڏهن هلندڙ مهيني جي 15 آگسٽ تي هڪ ڀيرو ٻيهر افغاني پناهگيرن افغانستان ڇڏي ٻين ملڪن سميت پياري پاڪستان جو رُخ ڪري رهيا آهن ته اڄ به اسان جي صوبائي حڪومت انهن جن اڳ ئي هتي ڪابل ۽ قنڌار جهڙا منظر ڏيکاري سندن حقن تي ڌاڙا هڻي رهيا آهن. سندن هڪ ڀيرو ٻيهر انهن کي ترسائڻ، رهائڻ ۽ آباد ڪرڻ لاءِ تياريون ڪيون پيون وڃن.

خير مون لکيو پئي ته 20 سال پهريان جڏهن افغانستان تي ملا عمر ۽ سندس ساٿين طالبان پاران جيڪو ملڪ تي قبضو ڪيو ويو هو، ان جو سبب ڄاڻڻ لاءِ منهنجي هڪ افغاني پٺاڻ عبدالعزيز نالي سان ڪچهري ٿيندي هُئي، انهن ڏينهن ۾ آئون به هڪ مسواڙي گهر سبزي منڊي هالي روڊ واري علائقي ۾ رهندو ۽ پڙهندو به هئس. هي افغاني فيملي هيٺئين حصي ۾ رهندي هئي. معمول موجب مون هُن کان پڇيو ته آخر انهن طالبان کي افغاني عوام جو ڪهڙو درد جاڳيو جو انهن اُتي اسلامي قانون نافذ ڪرڻ لاءِ هيڏي وڏي جنگ جوٽي؟ تنهن دوست ٻڌايو ته اسان جو گهر قنڌار ۾ هو ۽ افغانستان جا ڪافي سارا سونهن ڀريا شهر آهن پر گڏوگڏ گادي وارو هنڌ ڪابل ۽ قنڌار به هر حوالي سان سونهن ڀريا آهن. هُن ٻڌايو ته افغانستان ۾ ديني تعليم يعني مدرسا عام جام آهن. گڏوگڏ دنياوي تعليم به وڏي تعداد ۾ شاگردن کي ڏني وڃي ٿي. عبدالعزيز کي سنڌ ۾ رهندي اڃا پنج سال مس ٿيا هُئا ۽ اردو ٻولي به اڌوري ايندي هئس، هتان جي حالتن کان هو بلڪل اڻ واقف هو، ڪنهن گاڏي تي صوف پيو وڪڻي ته وري ڪڏهن ٻارن جا رانديڪا کڻي وڪڻندو رهندو هو. اڄ ته هو حيدرآباد ۽ ٺٽي سميت ٻين علائقن ۾ چئن هوٽلن جو مالڪ ٿي چُڪو آهي. خير مون کي هن جي شاهوڪاري سان ڪا تڪليف ڪونهي پر ماضي ضرور ياد اچي ٿو. تن ڏينهن ۾ هن افغاني ٻڌايو هو ته افغانستان جي سرزمين تي بدامني، قتل غارت، اغوا، چوري، ڦرلٽ ته عام ٿي وئي پر جڏهن اُتي وحشي ماڻهن پاران ديني ۽ دنياوي درسگاهن اندر زيادتي جا واقعا سرعام وڌندا ويا ۽ انهن کي پوري ڇوٽ مليل هوندي هُئي، ايتري تائين جو ڪا عورت نياڻي ۽ ٻار ڪنهن گهر ڀاتي جو سهارو وٺي ٻاهر به نه نڪري سگهندو هو. هر روز اهڙين زيادتين جا واقعا معمول تي اچڻ بعد جڏهن حالتون لاهور جي مينار پاڪستان ۽ دادو تنگواڻي ۽ خيرپور جهڙن واقعن تي پهتيون ته پوءِ طالبان به حرڪت ۾ آيا ۽ نتيجي ۾ جڏهن طالبان مڪمل ڪنٽرول ڪري ويا ته اسان سميت پوري افغانين کي خانه بدوش ٿيڻو پيو. مون کي يقينن انهي دوست جون ڳالهيون اڃان وڌيڪ به ياد اٿم ۽ اهڙا واقعا دهرائيندي اڄ اسان جي ملڪ سميت پوري صوبي اندر اُها ئي ساڳي حالت آهي. جيڪا تنهن وقت دوران افغانستان جي سرزمين تي هُئي ۽ وقت ڪيئن بدليو، حالتون، حياءُ ۽ شرم جا ليڪا لتاڙجي ويا، سو سڀ ڪو ڄاڻي ٿو.

اڄ اسان جي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڇا وهي واپري پيو، تنهن بابت ته مختلف موقف ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. گڏوگڏ اڄڪلهه جيڪي نياڻين جي زبردستي اغوا جا واقعا منظر تي اچن ٿا ۽ عام جام رپورٽ ٿين ٿا، تن واقعن جي اصل ڪارڻن تائين اڄ سوڌو اسين ڳالهائڻ لاءِ تيار ئي ڪونه آهيون ته آخر انهن روز بروز اغوا جي وڌڻ جي واقعن ۾ ڪير ملوث آهي. آئون جيڪڏهن حقيقت بيان ڪندس ته ڪجهه ماڻهن کان اِها ڳالهه بلڪل هضم ڪونه ٿيندي ۽ ڪٿي وري فتوائون به جاري ڪري ڇڏيندا پر خير ڀلي فتوائون جاري ڪري ڇڏين، پاڻ حقيقت چوڻ کان نه ڪڏهن ڪيٻايو آهي ۽ نه وري ڪيٻائينداسين.

ڪجهه وقت پهريان کان سوشل ميڊيا توڙي پرنٽ يا اليڪٽرانڪ ميڊيا تي هڪ تبصرو ڇڙي پيو ۽ آخر انهي معاملي کي منظرعام تي به آندو ويو ته صوبائي اسيمبلي اندر رڳو عورتن نياڻين جي زيادتين جو سگهارو آواز بڻجندڙ پر پوري ملڪ سميت سنڌ اندر غلط منصوبن کانپوءِ انهن خلاف هڪ طاقتور ۽ حقيقت تي مبني موقف رکندڙ جي ڊي اي اڳواڻ نصرت سحر عباسي پاران بغير نقاب جي نه هلڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ خود نقاب پائي هڪ چينل تي ڏاڍو واضح موقف رکيو ته آئون هاڻ اسلامي طريقي سان زندگي گذارڻ چاهيان ٿي. تنهن ڪري هي نقاب پاتو آهي. خير آئون انهي سنڌ جي نياڻي جو اهڙو عمل ساراهيان ٿو. بهتر ڳالهه آهي پر دير سان ئي پر درست آهي. پر آئون جيڪڏهن اسلامي حڪمن مطابق عورتن کي ڪيئن زندگي گذارڻ جو حق حاصل هجي ٿو، جيڪڏهن اِن طرف ويندس ته اهو هڪ وڏو موضوع آهي. جيئن مون شروعاتي سٽن ۾ چيو ته ڪٿي مون خلاف فتوائون جاري نه ٿي وڃن. نصرت سحر عباسي هڪ اسيمبلي عورت ميمبر آهي. مون هن جون ڪيل سڀ ڳالهيون ۽ مثال جيڪي هن ڏنا پاڪستان کان وٺي تازو سعودي حڪومت جيڪي عورتن کي پردي اندر ڪم ڪرڻ جون اجازتون ڏنيون سي سڀ ڳالهيون بهتر آهن پر گذريل ڪجهه ڏينهن پهريان ملڪ جي وزيراعظم عمران خان جيڪو اهڙن واقعن کانپوءِ پنجاب جي سرزمين لاءِ جيڪي ڏکائتا لفظ چيا، گڏوگڏ ٻه ڳالهيون اهم ڪيون، جن سان آئون ڀرپور متفق آهيان. هڪڙي ڳالهه ڪيائون ته اسان وٽ موبائيل جو استعمال عام جام سان گڏوگڏ غلط ٿئي ٿو ۽ ٻي ڳالهه ڪيائون ته والدين جي تربيت نه هجڻ ڪري هي واقعا وڌي رهيا آهن. هاڻ هتي موبائيل جي اِشو تي بعد ۾ اچون ٿا پر پهريان والدين جي تربيت حوالي سان ذڪر ڪجي جيڪو سوال خود ملڪ جو والي به ڪري ٿو.

منهنجي ڀيڻ نصرت سحر عباسي صاحبه جيڪو نقاب پاتو آهي، آئون چوندس ته ادي اوهان اِهو نقاب نه رڳو توهين پان پايو پر منهنجي گهرواري ۽ منهنجي نياڻين، ڀينرن کي به اچي ان جي تاڪيد ڪريو ته جيئن سنڌ جون ٻيون نياڻيون به توهان جهڙي طرز زندگي بصر ڪن، ڇو ته اِها توهان مٿان ذميواري به عائد ٿئي ٿي جو توهان عورتن جي مخصوص سيٽ تي اڄ انهن سڀني نياڻين جي والدين جي حيثيت رکي اهڙي هدايت ڪرڻ جو حق رکو ٿا ۽ اوهان مٿان فرض به آهي. نه رڳو نصرت سحر عباسي پر عمران خان جي چوڻي هڪ حقيقت جي عڪاسي آهي. پاڻ ٿورڙو گهرائي سان سوچيون ته هڪ گهر جنهن ۾ 8 کان 10 گهر ڀاتي موجود هجن ٿا اُتي ڪيترن گهرڀاتين وٽ موبائيل موجود آهي. پوري دعويٰ سان چوندس ته اڄ ڪالهه چڱن ڀلن پرده پوش ماڻهن جي گهرو ماحول اندر انهي موبائيل تباهي مچائي ڇڏي آهي. اڄ جو والدين رڳو اولاد جي مسڪي بازي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ پورو آهي. يونيورسٽي ۽ ڪاليجن اندر انهن ڇوڪرين جي حالت ته ڏسڻ گهرجي، جن وٽ لکين لکين روپين جا ٽي ٽي موبائيل سندن پرسن ۾ پيل هوندا آهن. موٽ ۾ جڏهن انهن کان پُڇجي ٿو ته هي هيترا سارا موبائيل اوهان وٽ ڪهڙي ڪم جا آهن. سندن وٽان جواب اِهو ٿو ملي ته اسان جي والدين پاران اجازت مليل آهي. توهان کي سوال ڪرڻ جو ڪو حق ئي ڪونهي. آئون پوري دعويٰ سان چوان ٿو ته اسان وٽ هي جيڪي حوا ڄائين جي پريم پرڻن ۽ اغوا واريون خبرون ٻڌڻ پڙهڻ ۽ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون انهن ۾ مڪمل طور انهن ڇوڪرين جي والدين به قصووار هجن ٿا، مڃون ٿا ته موبائيل فون جا لاتعداد فائدا به آهن پر جيڪو اڄ ڪالهه نقصان ٿي رهيو آهي. خاص ڪري ڇوڪرين جي آزاداڻي نموني موبائيل استعمال ڪرڻ سان ڪڏهن دادو جي ارم سولنگي پيار جو پرڻو ٿي ڪري ته وري ڪڏهن گهوٽڪي جي نور جهان عرفان لانگاهه سان لائون ٿي لهي. هي سڀ واقعا والدين جي بي ڌياني جو سبب آهن. اسلام ۾ حڪم آهي ته جڏهن اوهان جي گهر ۾ نياڻي بالغ ٿئي ته فورن شادي جو بندوبست ڪريو. هتي اسين سنڌي هجون يا پنجابي يا اردو ڳالهائيندڙ سڀ انهي ڏوهه ۾ ملوث آهيون. ڄ جو والدين انهن نياڻين کي 30 سالن کان مٿي تائين به گهرن ۾ ويهاري پوءِ سڄو سڄو ڏينهن ۽ رات مٿي جو سور يا وري بلڊ پريشر وڌي وڃڻ جون ٿا دانهون ڪن. حالانڪه اسلام ۾ اِهو به آهي ته جڏهن ڪنهن گهر ۾ ڪا نياڻي بالغ ٿي وڃي ٿي ۽ ان جي شادي نه ٿي ڪرائي وڃي ته ان گهر ۾ نه الله جي رحمت رهندي ۽ نه ئي روزي ۾ برڪت پوندي، اسين انهي مسڪي باز اولاد جي ڳالهين پٺيان ته ڇوڪرو يا ڇوڪري بس تعليم حاصل ڪري ٿي، بس هو تعليم حاصل ڪن ته پوءِ شاديون ڪنداسون، نتيجي ۾ يا ته اُهي نياڻيون انهي موبائيل جو سهارو وٺي پيار جا پرڻا ڪري والدين جي سڀ عزت مٽي ۾ ملائين ٿيون يا وري بند ڪمرن مان سندن لاش ملن ٿا، جيئن پاڻ روزانو اخبارن ۾ لٽڪيل لاش ڏسي رهيا آهيون.

هتي هڪڙي ڳالهه جي وضاحت ڪندس ته آئون ڪنهن به مرد يا عورت ڇوڪرو يا ڇوڪري وٽ موبائيل استعمال نه ڪرڻ جو هرگز حامي ڪونه آهيان پر انهي آزاداڻي موبائيل استعمال جي ضرور مخالفت ڪندس ته اڄ هن افسوسناڪ ۽ غيرمعمولي اغوائن جي واقعن کانپوءِ اسان سڀني والدين کي انهي اولاد جي رهڻي ۽ ڪهڻي جو خيال رکڻ گهرجي، جيڪڏهن اسين والدين اهڙن واقعن کانپوءِ پنهنجي اولاد پُٽ هجي يا نياڻي انهن تي لازمي توجهه نه ڏني ۽ اڃا حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون ته پوءِ مون کي اِهي به خدشا سامهون نظر اچي رهيا آهن ته ڪٿي وري اسان جي ملڪ ۾ ڪو ملا عمر جو ساٿي جاڳي. ڇو ته اسان وٽ گادي واري شهر ڪراچي سميت پوري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڄ سوڌو 20 لک افغاني پٺاڻ اڳ ئي موجود آهن. اڄ جي والدين کي اِها ڳالهه به ٻڌائڻ ۽ سمجهائڻ فرض ٿو سمجهان، واقعي اولاد سڀ ڪنهن کي مٺڙي آهي. اُهو پٽ هجي يا نياڻي پر انهن کي ايتري ڇوٽ نه ڏيو، حالانڪه اڄ اسان جي معاشري ۾ منهنجي نظرن هيٺ هزارين اهڙا خاندان موجود آهن جن جون نياڻيون اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪن ٿيون پر انهن وٽ اڄ هن جديد دور ۾ به انهن وٽ موبائيل فون موجود ڪونه آهن ته پوءِ ڇا اُهي نياڻيون جيڪي ايڊووڪيٽ محمد علي شيخ جون اهي بااخلاق پنج نياڻيون هجن يا ٻئي ڪنهن والدين جون، ڇا اهي سڀ هن معاشري کي بهتر بنائڻ ۾ ڪردار ادا نٿيون ڪري سگهن!؟advocateubedullah@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو