مصنوعي ذهانت: مستقبل ۾ وڪيل ۽ جج به روبوٽ هوندا

ليکڪ   پيڊريگ بيلٽن

قانون جي ماهرن ۾ هاڻي هٿرادو ذهانت واري لاڙي جو استعمال وڌي رهيوآهي. ڇا مستقبل ۾ وڪيل ۽ جج به روبوٽ هوندا؟ هي شايد اوهان کي ناممڪن ڳالھ لڳي پر هٿرادو ذهانت وارا سافٽ ويئر سسٽمز، اهڙا ڪمپيوٽر جيڪي پنهنجي صلاحيت ۾ خودڪار طريقي سان اضافو ۽ سوچڻ جي صلاحيت پيدا ڪن ٿا. اھڙن ئي مصنوعي ذھانت رکندڙ سافٽ ويئر جو قانون جي ماهر طور استعمال ۾ اضافو ٿي رهيوآهي.

Photo Courtesy BBC

جوشوا برائوڊر پنهنجي نئي اپليڪيشن ”ڊو ناٽ پي“ کي دنيا جو پهريون روبوٽ وڪيل چوي ٿو. هن کي استعمال ڪندڙ  ان جي ذريعي پنهنجا دستاويز تيار ڪن ٿا. اوهان هن کي ”چيٽ بڪس“ ذريعي پنهنجو مسئلو بيان ڪريو ٿا، مثال جي طور تي توهان هن کي چئو ٿا ”غلط پارڪنگ واري جرماني جي خلاف اپيل ڪرڻي آهي“، هي پوءِ اوهان کي مختلف مشورہ  ڏيندو ته هن جي مطابق ان مرحلي تي ھن مسئلي لاءِ ڪهڙو قانون  بهتر رهندو. جوشوا چئي ٿو ته هن کي استعمال ڪندڙ پنهنجا دليل پنهنجي لفظن ۾ لکي سگھن ٿا ۽ هي سافٽ ويئر مشين لرننگ نموني جي اصول تحت ان ڳالھ جي ڀيٽا ڪري ٻڌائيندو ته هنن کي پنهنجي ڳالھ قانوني زبان ۾ ڪئين پيش ڪرڻ گھرجي. 24 سالن جو جوشوا ۽ ان جي ڪمپني جو دفتر آمريڪي رياست ڪليفورنيا جي شهر سليڪون ويلي ۾ آهي، پر ان ڪمپني جو بنياد لنڊن ۾ سن 2015 ۾ پيو جڏهن جوشوا جي عمر 18 سال هئي. جوشوا برائوڊر ”ڊو ناٽ پي“ جي نالي سان ايپ تيار ڪئي جنهن سان ڪار پارڪنگ واري جرماني جي خلاف اپيل تيار ڪري سگھجي ٿي. هو چوي ٿو ته اترلنڊن ۾ هڪ نوجوان جي حيثيت سان مان تمام خراب ڊرائيور رهيس. مون کي غلط پارڪنگ جا ڳرا ڏنڊ پيا، ان وقت مان سيڪنڊري اسڪول جو شاگرد هيس ان ڪري مان اهڙو ڏنڊ /جرمانو ڀري نه پيو سگھان. برائوڊر جو چوڻ آهي ته تمام گھڻي تحقيق ۽ معلومات جي ذريعي هن چالان ۽ جرماني جي خلاف اپيل ڪرڻ جا بهترين طريقا کوجي ڪڍيا. جيڪڏهن توهان صحيح طريقي سان ڳالهائڻ جوانداز سکي ورتو، ته پوءِ توهان پنھنجو قيمتي وقت ۽ پيسو بچائڻ جي قابل ٿي ويندا. هر ڀيري هڪ ئي دستاويز کي ڪاپي ۽ پيسٽ ڪرڻ جي بدران هن سوچيو ته ان ڪم جي لاءِ هڪ سٺو سافٽ ويئر تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان ضرورت کي محسوس ڪندي هن سن 2015 ۾ ڪجھ ئي هفتن جي اندر ”ڊوناٽ پي“ جو پهريون ورشن تيار ڪيو. هو چوي ٿو ته پهريان مون هي ايپ صرف پنهنجي خاندان وارن جي توجھ حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ڪئي. تڏهن کان هي ايپ برطانيه ۽ آمريڪا ۾ مقبوليت ماڻي ورتي آهي ۽ هاڻي هي استعمال ڪندڙ جا ڪيترا ئي مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ قانوني خط لکڻ ۾ مدد ڪري رهي آهي. انشورنش جا دعوا، سياحتي ويزن جي لاءِ درخواستون ڏيڻ، ڪنهن ڪاروبار يا ويجھي محڪمي جي شڪايت جا خط، موڪل جي لاءِ پنهنجا پيسا واپس وٺڻ يا وري جم جي ميمبرشب حاصل يا ختم ڪرڻ، انهن سڀني ڪمن جي لاءِ هي ايپ مدد لاءِ استعمال ٿي رھي آھي. جوشوا جو چوڻ آهي ته ڪووڊ وبا جي دوران آخري ٻن ڪمن خاطر ھي ايپ گهڻي استعمال ۾ رھي آھي.  هن ايپ جا ڏيڊ لک جي لڳ ڀڳ استعمال ڪندڙ آهن جيڪي ان جي استعمال جي فيس پڻ ادا ڪن ٿا. جڏهن ته ان تي تنقيد ڪندڙ ن جي باري  ۾ راءِ رکن ٿا ته ڪڏهن ڪڏهن ھن ايپ جا قانوني مشورہ  غلط ثابت ٿين ٿا. ان هوندي به ھن اپليڪيشن گذريل سال قانون تائين رسائي لاءِ آمريڪن بار ايسوسي ايشن جو ايوارڊ حاصل ڪيو. جوشوا دعويٰ ڪئي آهي ته هن ايپ جي ڪاميابي جي شرح 80 فيصد آهي جيڪا پارڪنگ جي ٽڪيٽن لاءِ 65 فيصد رهي ڇو جو ڪجھ ماڻهو واقعي مجرم هوندا آهن.

Photo Courtesy BBC

قانوني مسئلن جي حوالي سان سافٽ ويئر تيار ڪندڙ ڪمپنيءَ جي سربراھ والي ايلينور ويور چوي ٿي ته وڪيل برادري ۾ مصنوعي ذھانت جو استعمال ھاڻي عام رائج ٿيندو پيو وڃي. ڇا توھان محسوس ڪيو ٿا تہ انساني وڪيل ان ڳالھ جي خوف ۾ ورتل آھن تہ مصنوعي ذھانت وارا روبوٽ وڪيل قانوني ميدان ۾ انھن جي مقابلي ايندا. ضروري ناھي تہ ائين ٿئي، ڪجھ قانوني ماھر ان ڳالھ تي خوشي محسوس ڪن ٿا چو جو سافٽ ويئر کي تيزيءَ سان گهڻي تعداد ۾ ڪنھن ڪيس جي وڏيون وڏيون دستاويز پڙھڻ ۽ انھن کي ترتيب ڏيڻ لاءِ انھن کي استعمال ڪري سگهجي ٿو. اهڙو  ئي ھڪ وڪيل سيلي ھوبسن  به آھي، جيڪو لنڊن ۾ قائم قانوني فرم دي 36 گروپ ۾ بيريسٽر آھي ۽ فوجداري ڪيسن تي ڪم سرانجام ڏي ٿو. ان تازو ئي قتل جي ھڪ مشڪل ڪيس ۾ ھٿرادو ذھانت جو استعمال ڪيو. ان ڪيس ۾ ڏھ ھزار دستاويزن جو جلديءَ سان معائنو ڪرڻ جي ضرورت ھئي. سافٽ ويئر چئن ھفتن جي اندر ان ڪم کي تيزي سان سرانجام ڏنو ۽ جيڪڏھن ھي ڪم ڪنھن انسان کان ورتو وڃي ھا ته 50 ھزار پائونڊ خرچ ٿين ھا. لوميننس نالي ڪپمني جي سربراھ ايلينور ويور جو چوڻ آھي ته وڪيلن جي مدد لاءِ مصنوعي ذھانت جو استعمال عام رائج ٿيندو پيو وڃي ۽ ھيءَ ڪا اھڙي ڳالھ ناھي جنھن کي خراب سمجهو وڃي. دنيا ۾ 55 ملڪن جون 300 کان وڌيڪ قانوني ڪمپنيون به ان جو استعمال ڪري رھيو آھن جيڪي 80 زبانن ۾ ڪم ڪن ٿيو. ايلينور ويور چوي ٿي دستاويز جي جانچ پڙتال واري ڪم ۾ سافٽ ويئر ھاڻي پھريان کان بھتر ڪارڪردگي جو مظاھرو پيش ڪري رھيا آھن. مس ويور چوي ٿي تاريخي طور تي توھان وٽ دستاويزن جي جانج پڙتال لاءِ ٽيڪنالوجيز موجود رھيو نآھن جيڪي فقط گهربل لفظن جي ڳولا لاءِ ئي استعمال ٿين ٿيون. جئين اسان جي ليپ ٽاپ ۾ ڪنٽرول ايف استعمال ڪرڻ. ھو چوي ٿي ان جي ابتڙ اڄ جا جديد سافٽ ويئر گهربل جملن ۽ لفظن کي نئين طرح سان ڳنڍي به سگهن ٿا. مصنوعي ذھانت جا سافٽ ويئر نه صرف وڪيلن کي دستاويزي ثبوتن ذريعي ڪيسن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا پر ھي انھن کي ڪيس جي تياري ۽ ڪيس وڙھڻ جو بنيادي ڍانچو پڻ تيار ڪري ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا آھن ۽ ڪنھن بہ قانوني ثبوت جي تلاش ڪرڻ جي بہ صلاحيت رکن ٿا. لارنس ليبرمين، جيڪو لنڊن جي قانوني فرم ٽيلر ويسنگ جي شعبي ڊيجيٽائزنگ ڊسپيوٽس پروگرام جو سربراھ آھي، ھو اھڙي قسم جوسافٽ ويئر استعمال ڪري ٿو، جنھن کي لِٽيگيٽ نالي اسرائيلي ڪمپني تيار ڪيو آھي. ھو چوي ٿو اوھان پنھنجي ڪيس جو خلاصو ۽ درخواستون اپلوڊ ڪريو، پوءِ ھي سافٽ ويئر انھن جي جانچ پڙتال ڪندو تہ ان ڪيس ۾ اھم ڪردارن ڪھڙي شيءِ جو آھي ۽ پوءِ ھٿرادو ذھانت جو سافٽ ويئر انھن کي ھڪ ٻئي سان ڳنڊي ڇڏي ٿو، وري اھم واقعن جي تاريخن تي انھن جي وضاحت ڪري انھن کي نئي سري سان ترتيب ڏئي ڪري ٻيھر پيش ڪرڻ جو حامل پڻ آھي.

برازيل وانگر ڪجهه ملڪن جي عدالتن ۾ پراڻن ڪيسن جو ڍير (بيڪ لوگ) پيو آھي جن کي وڪيل ۽ جج مصنوعي ذھانت جي ذريعي اُڪلائي سگهن ٿا. ڊيلوئيٽ ليگل نالي قانوني فرم جي چيف ٽيڪنالوجسٽ آفيسر، بروس بروڊ جو چوڻ آھي تہ ان جو ٽيڪس آءِ سافٽ ويئر سسٽم اھڙي طرح جي ٽيڪس اپيل ڪيسن لاءِ تاريخي عدالتي ڊيٽا جو تجزيو ڪري سگهي ٿو. ڊيلوئيٽ ليگل، اڪائونٽنسي جي وڏي ڪمپني ڊيلئيٽ جو ھڪ قانوي شعبو آھي. فرم جي دعوا آھي تہ ھو درست اندازو لڳائي سگهي ٿي تہ اپيلن جي اُڪلائڻ جو 70 فيصد وقت ڪيئن مقرر ڪجي. مسٽر برائوڊ وڌيڪ چيو تہ ھي اوھان جي ڪاميابي جي اميد لاءِ ھڪ مڪمل طريقو مھيا ڪري ٿو، جنھن کي اوھان ان ڳالھ جو تعين ڪري سگهو ٿا تہ ڇا اوھان کي ھي ڪيس وڙھڻو آھي يا نہ. مصنوعي ذھانت قانوني خط ڪتابت ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي يا وري انسان وڪيلن جي مدد ڪري سگهي ٿي، ڇا اسين روبوٽ وڪيل، بيريسٽر يا روبوٽ ججن جو بہ وقت ڏسنداسين؟  مس ويور چوي ٿي منھنجي خيال ۽ حقيقت ۾، اسان ان کان ڳالھ کان اڃان پري آھيون، پر ٻيا ڪجھ ماھر، جيئن پروفيسر رچرڊ سسڪنڊ، جيڪو مصنوعي ذھانت جي حوالي سان انگلينڊ جي لارڊ چيف جسٽس جي رھنمائي گروپ جي صدارت ڪري ٿو، ھو چوي ٿو تہ اسان ايترو يقين سان نہ ٿا چئي سگهو تہ اسان ان کان پري آھيون. 

Photo Courtesy BBC

پروفيسر رچرڊ سسڪنڊ جو چوڻ آھي تہ مصنوعي ذھانت جا سافٽ ويئر قانوني ڪيسن جي حوالي سان اڳڪٿي ڪرڻ ۾ ڪافي حد تائين صحيح آھن. ھن جو چوڻ آھي تہ سن 1980 واري ڏهاڪي ۾ ھو ھڪ ڪمپيوٽر جج واري خيال کان ڊنل رھيو پر ھاڻي ائين ناھي. ھو ٻڌائي ٿو ڪورونا وائرس کان پھريان بہ برازيل ۾ ڏھ ڪروڙ کان وڌيڪ عدالتي ڪيس رڪيل رھيا ۽ انساني وڪيلن طور ججن جي لاءِ ايتري وڏي تعداد ۾ ڪيسن کي اڪلائڻ جو ڪو امڪان ئي ناھي. جيڪڏھن ڪو ھٿرادو ذھانت جو نظام جيڪو گهڻي حد تائين صحيح طريقي سان (95 فيصد صحيح طريقي سان) عدالتي فيصلن جي نتيجن جي اڳڪٿي ڪري سگهي ٿو تہ پوءِ اسان انھن اڳڪٿين کي لازمي رھنمائي اصول سمجهڻ جي حوالي سان سوچڻ شروع ڪري سگهون ٿا، خاص طور تي انھن ملڪن جي باري ۾ جتي ڪيسن جا ايتري وڏا ڍير پيا آھن جن کي انساني محنت ۽ ڪوشش سان انھن کي حل ڪرڻ جو وقت ئي ناھي. ( هي مضمون بي بي سي تي شايع ٿيو جيڪو جاويد سولنگي سنڌيار جي پڙهندڙن لاءِ ترجمو ڪيو)

پهنجو تبصرو موڪليو