مصباح الحق ۽ وقار يونس ڪوچنگ تان مستعفي

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق ۽ بالنگ ڪوچ وقار يونس استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ثقلين مشتاق ۽ عبدالرزاق نيوزيلينڊ خلاف هوم سيريز ۾ عارضي ڪوچ طور ڪم ڪندا. مصباح الحق ۽ وقار يونس کي سيپٽمبر 2019 ۾ بالترتيب قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ ۽ بالنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو هو. مصباح الحق چيو ته جميڪا ۾ 24 مهينن تائين قرنطينه دوران هن پنهنجي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ کانپوءِ، سمجهيو ته ته هي هڪ مثالي وقت ناهي پر في الحال هو مستقبل جي چيلينجز کي منهن ڏئي نٿو سگهي. مصباح الحق چيو ته هو چاهي ٿو ته پنهنجي خاندان سان وقت گذاري. وقار يونس چيو ته جڏهن مصباح الحق پنهنجي فيصلي جو اعلان ڪيو ته مون به استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ، مان پاڪستان جي نوجوان بالرن سان گڏ ڪم ڪرڻ تي تمام گهڻو مطمئن آهيان. ان حوالي سان پي سي بي جي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان چيو ته پي سي بي مصباح الحق جي فيصلي جو احترام ڪري ٿي ، گذريل 24 مهينن ۾ مصباح الحق پنهنجيون سموريون توانائيون پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ وقف ڪيون آهن. وسيم خان چيو ته اسان نيوزيلينڊ سيريز لاءِ ثقلين مشتاق ۽ عبدالرزاق کي عبوري ڪوچ مقرر ڪيو آهي، آءِ سي سي جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2021 لاءِ ٽيم انتظاميا جو اعلان وقت تي ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو