مشهور ڪاميڊين امان الله گردن جي بيماري سبب فوت

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو مشهور ڪاميڊين امان الله لاهور جي اسپتال ۾ 70 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. هن کي گردن ۽ ڦڦڙن جي بيماري هئي ۽ ڪجهه هفتن کان اسپتال داخل هو. اسٽيج ڊرامن کان اداڪاري شروع ڪندڙ امان الله مختلف ٽي وي پروگرامز ۾ به پنهنجو نالو مڃرايو. هو هردلعزيز شخصيت جو مالڪ هو ۽ کلڻ کلائڻ جو ماهر هو. هو مشهور ڪاميڊي ٽي وي شوز خبرناڪ ۽ مذاق رات جو هيرو هو. گذريل سال به هن کي اسپتال داخل ڪيو ويو هو ۽ سندس موت جي ڪوڙي خبر به هلي هئي جنهن تي سندس نياڻي زرغون وضاحت ڪندي چيو هو ته بابا بيمار آهي پر جيئرو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو