مشال خان قتل ڪيس ، ٻن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ٻه آزاد

پشاور (م ڊ) مشال خان قتل ڪيس ۾ چار روپوش جوابدارن مان دهشتگردي ٽوڙ عدالت تحريڪ انصاف جي ڪائونسلر عارف خان ۽ اسدکي عمر قيد جي سزا ٻڌائيندي ٻن ٻين جوابدارن صابر معيار ۽ اظهار کي ثبوت نه ملڻ تي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. 13 اپريل 2016 ۾ مردان جي عبدالولي خان يونيورسٽي جي اندر، ماس ڪميونيڪيشن جي 23 ساله شاگرد مشال خان کي مبينه توهين رسالت جي الزام هيٺ مڇريل نوجوانن جي جٿي ڏنڊن ۽ لوهي سيخن سان وڏي بيدردي سان قتل ڪيو هو. ان ڀيانڪ واردات جي ويڊيو وائرل ٿي هئي، جنهن بعد تيرنهن رڪني جي آئي ٽي ٺهي هئي جنهن جاچ بعد توهين رسالت جي الزام کي رد ڪندي چيو هو ته اهڙو الزام ماڻهن کي مڇرائڻ لاءِ لڳايو ويو هو. جاچ رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو هو ته پختونخواه اسٽوڊنٽس جي تڏهوڪي صدر صابر معيار ۽ يونيورسٽي جي ملازمن جي تنظيم جي صدر اجمل خان منصوبه بندي هيٺ مشال جي قتل جي سازش تيار ڪندي مٿس ڪوڙو الزام مڙهي شاگردن کي مڇرائي کيس قتل ڪيو هو. رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو هو ته يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ بي قاعدگين، شاگردن کان رشوت وٺڻ، گرلز هاسٽل ۾ ڇوڪرين کي تنگ ڪرڻ ۽ وائيس چانسلر جي تقرري سميت مختلف مسئلن بابت مشال خان کلم کلي تنقيد ڪندو هو. جنهن بعد کيس منصوبي هيٺ غلط الزام هڻي ماريو ويو هو. مرڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ خيبر ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ مشال يونيورسٽي جي انتظاميا ۽ شاگرد تنظيمن جي ملي ڀڳت بابت انٽرويو ڏنو هو ۽ پختونخواه اسٽوڊنٽس جي صدر ۾مشال خان کي پنهنجي لاءِ خطرو سمجهو هو. جنهن بعد 61 ملزمن خلاف ڪيس داخل ٿيو، 57 ملزمن کي 7 فيبروري 2018 تي سزا ٻڌائي وئي هئي. جڏهن چار روپوش جوابدار گرفتار ٿيا ته عدالت انهن جو ٽرائل جون 2018 ۾ ٻيهر شروع ڪيو ۽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت نمبر 3 جي جج محمود الحسن خٽڪ هلندڙ مهيني فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو اڄ ٻڌايو ويو. هي فيصلو بهاولپور يونيورسٽي جي پروفيسر خالد حميدجي قتل جي ٻن ڏينهن بعد ٻڌايو ويو آهي، جنهن کي سندس هڪ شاگرد “فن فيئر ۽ ويلڪم پارٽي” منعقد ڪرڻ تي اهو چئي چاقو جا وار ڪري قتل ڪيو ته هو پارٽي سان فحاشي ڦهلجڻ جو انديشو آهي. واضح رهي ته ضياءَالحق جي زماني کان اسلامي جميعت طلبا جو پنجاب جي تعليمي ادارن تي مڪمل هولڊ آهي ۽ اڪثر ثقافتي پروگرام منعقد ڪرڻ تي تشدد جا واقعا معمول بڻيل آهن. هن قتل جو ڪيس بهاولپور جي سول لائن ٿاڻي تي اڄ داخل ڪيو ويو آهي ۽ ملزم جو ريمانڊ به ورتو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو