مسڪين ملاح جي ورسي، اديبن، شاعرن ۽ راڳين پاران ڀيٽا پيش

قاضي احمد(رپورٽ عرفان لاکو) سنڌ جي مزاحمتي شاعر مسڪين ملاح جي وڇوڙي کان پوء سندس نالي تي هڪ اسڪول قائم ڪرايو جيڪو اڄ بهترين تعليمي ادارو آهي، سندس شاعري جو ڪتاب “درياه جي مستي” ناياب ڪتاب آهي ۽ سندس شاعري ۾ ڏنل پيغام تي عمل ڪرڻ  جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار شبير سيال مسڪين ملاح جي ورسي جي مناسبت سان سگا قاضي احمد پاران منعقد ڪيل تقريب کي صدارتي خطاب ۾ ڪيو. ان کان اڳ سگا شاخ جي صدر الله رکيو ڪوري آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪئي. ان موقعي تي   خوبصورت شاعر شبن کوکر، مسڪين ملاح جي ڀيٽا ۾ شعر پڙهيا. ان بعد حاڪم اوٺي، ايم بي ڏاهري، مسڪين ملاح جي زندگي ۽ ادبي خدمتن تي روشني وڌي. جڏهن ته ممتاز خادم ميمڻ، مسڪين جي شاعري تي مقالو پڙهيو. خوبصورت راڳي فقير شمشيرعلي راهو مسڪين ملاح جي شاعري ترنم ۾ ڳائي محفل گرمائي ڇڏي. ان موقعي تي ڪيترن ئي استادن، صحافين ۽ شهرين سميت سگا جي دوستن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو