مسو واهه جي پل ٽٽڻ سبب خلق پريشان، ڳوٺاڻن جو احتجاج

جروار(محمد بخش گبول) مسوواهه جي پل ٽٽل هجڻ  سبب جروار ۽ خانپور مهر واسين جي آسپاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن جو رابطو ڪٽجي ويو آهي، علائقي واسين احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته نئين پل ٺاهي رستو بحال ڪريو. علائقي واسين خالد گبول محمد خان گبول جي اڳواڻي ۾ اڱاري تي احتجاج ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ ھوته ڪيترين ئي سالن کان اها پل ٽٽل هئي پر گذريل رات پثرن سان ڀريل ٽرڪ ڪرڻ سبب هاڻي استعمال لائق ناهي ۽ فوري اپاءَ نه ورتا ويا ته ڪنهن به مهل وڏو حادثو پيس اڇي سگهي ٿو. هنن ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪيترائي دفعا چونڊيل نمائندن کي دانهيو پر هن مهل تائين چونڊيل نمائندن پل تعمير ڪرائڻ لاء ڪي به ڪوششون نه ورتون آھن. نمائندن جي بي ڌياني سبب ڪهڙي به مهل ڪووڏو حادثو ٿي سگهي ٿو. هنن ڊي سي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته جلد پل تعمير ڪرائي رستو بحال ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو