مسلم ليگ ۽ پي پي جي ڪيترائي ماڻهو نا اهل ٿيندا، شيخ

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پهريون ڀيرو ملڪ ۾ پاڪ فوج ۽ سول حڪومت هڪ لائين تي آهن، آئون پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي ڪيترن ئي ماڻهن کي نااهل ٿيندي ڏسي رهيو آهيان، حڪومت جو هڪ اڌ ماڻهو به نااهل ٿي سگهي ٿو.اهڙو زظهار هن پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته مريم نواز پهرين جيان هاڻي به نواز ليگ کي مارائيندي، مريم نواز کي لنڊن وڃڻ جي اجازت نه ملي ته مايوس ٿي پٿرن سان جلوس ڪڍيو، ماڻهن کي يقين ٿي ويو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت پنج سال پورا ڪندي، اختلاف ٿي سگهن ٿا پر ڪوبه ماڻهو وزيراعظم سان نفرت نٿو ڪري، هن چيو ته ڪي سي آر منصوبو هلندڙ سال ئي مڪمل ٿي ويندو، چئن مهينن ۾ ٽريڪ وڇايو ويندو، باقي نالا ۽ گرين لائين لاءِ پُل اڏڻ وارو ڪم سنڌ حڪومت جو آهي، آئون پاڻ سنڌ جي دوري تي ويندس ۽ صوبائي حڪومت کي گذارش ڪندس ته ٿورو رستو ڏئي ته جيئن ڪي سي آر منصوبو مڪمل ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو