مسلم ليگ (ن) ٻِلي بدران شير جيان سياست ڪري، بلاول

حويلي (ڊيسڪ رپورٽ) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تھ ڪشميري عوام کانسواءِ ڪنهن ٻئي جي ڊڪٽيشن تي هلڻ لاءِ تيار ناهيون، دهلي ۽ اسلام آباد جي به ڊڪٽيشن تي نه هلنداسين، آزاد ڪشمير جي علائقي حويلي ۾ چونڊ جلسي کي خطاب دوران هن وزيراعظم تي ڇتي تنقيدي ڪئي ۽ مسلم ليگ (ن) تي به تنقيد ڪندي چيو ته اسين چاهيون ٿا ته هو ٻليءَ وانگر نه پر شينهن وانگر سياست ڪن ۽ اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪن ته جيئن تبديلي سرڪار کي ڇلتو ڪريون. بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بدقسمتي سان اسان جو وزيراعظم ڪٺ پُتلي، سليڪٽيڊ، ناجائز، نااهل ۽ نالائق آهي، بزدل وزيراعظم ڪشميرين لاءِ به ڳالهائي نٿو سگهي، هو ڪشميري ڀائرن جي اُميدن تي پورو نه لٿو، هي عجيب وزيراعظم آهي جو هر ڪنهن منصوبي تي پنهنجو نالو رکي ٿو، پيپلز پارٽي اڪيلي جماعت آهي، جيڪا ڪشمير تي سوديبازي نه ڪندي، پيپلز پارٽي جي خاتمي جون ڳالهيون ڪندڙ اسان جا جلسا ڏسي وٺن، جيستائين جيالا آهن، پيپلز پارٽي کي ڪير به ختم نٿو ڪري سگهي. هن مسلم ليگ (ن) جي قيادت تي به نالو کڻڻ کانسواءِ تنقيد ڪندي چيو ته هو ٻلي جيان نه پر شير وانگر سياست ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو