مرچ فيڪٽري مان سِرن جو چُورو هٿ، مال ضبط

سکر )جئيرام داس ) سکر ۾ ڪَٽـِي ۽ ڳاڙهين سِرن جي چــُورِي سان ڳاڙها مرچ ٺاهڻ جو انڪشاف، گوليمار واري علائقي ۾ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم جو مرچن واري فيڪٽري تي ڇاپو، صحت لاءِ هاڃيڪار ڳاڙها مرچ ٺاهڻ تي فيڪٽري جو گودام سيل، ٽيم 70 کان وڌيڪ ٻوريون تحويل ۾ وٺي ڇڏيون، ڊائريڪٽر فوڊ اٿارٽي عائشه جوڻيجو جو چوڻ آهي ته فيڪٽري ۾ صحت لاءِ هاڃيڪار مرچ ٺاهڻ جون شڪايتون ملڻ تي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران ڪَٽي ۽ ڳاڙهين سرن جي چوري جون ٻوريون هٿ ڪيون ويون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو