مريم نواز ۽ يوسف عباس 21 آگسٽ تائين رمانڊ تي نيب حوالي

لاهور(ڊيسڪ رپورٽ) آمدن کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ نيب جمع تي مريم نواز ۽ يوسف عباس کي لاهور جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪري 21 آگسٽ تائين سندن جسماني رمانڊ ورتو. احتساب عدالت جي جج نعيم ارشد جي عدالت ۾ سماعت جي موقعي تي سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا. نيب جي وڪيلن عدالت کي ٻڌايو ته شروع ۾ چوڌري شگر ملز ۾ مريم جا شيئر 8 لک روپين جها هئا جيڪي 2008 ۾ 41 ارب روپين جا ٿي ويا، کائنس پڇون ٿا ته اها رقم ڪٿان آئي، پرڏيهي سڙوڪار ڪير هئا ته هوءَ ڪجهه به نٿي ٻڌائي. نيب جي جاچ آفيسر مريم کان پڇيل سوالن جي لسٽ به عدالت ۾ پيش ڪئي. جج پڇيو ته پناما جو ڇا ٿيو نيب جي وڪيلن چيو ته 3 ڪيس تيار آهن جن مان چوڌري شگر ملز جو هڪ آهي. جج پڇيو ته اڳ ۾ داخل ڪيل ڪيس ۾ هي معاملو ڇون شامل ڪيو ويو هو ته جاچ آفيسر ڇيو ته هي معاملو جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ بعد ۾ سامهون آيو. عدالت جسماني رمانڊ منظور ڪندي 21 آگسٽ تي لين ٻيهر پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. پيشي جي موقعي تي پوليس مسلم ليگ جي ڪارڪنن کي جوڊيشل ڪامپليڪس جي ٻاهر روڪي ڇڏيو، جتي هنن ٽائر ساڙي حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي. مريم جيئن ئي عدالتي ڪمري ۾ آئي ته وڪيل سيلفيون ٺاهيندا رهيا پولي سکين منع ڪئي ته عدالتي ڊيڪورم جو خيال ڪريو، جنهن تي وڪيلن ۽ پوليس ۾ ڏند چڪ به ٿيا.نيب جي وڪيلن طورحافظ اسدالله ۽ حارث قريشي پيش ٿيا جڏهن ته مريم جي وڪالت امجد پرويز ڪئي. مريم جو پٽ جنيد صفدر پنهنجي والد سان گڏ عدالت پهتو ۽ مريم سان ملاقات ڪئي. حمزه شهباز به عدالت ۾ موجود هو جنهن سان پڻ مريم ملاقات ڪئي. ذريعن موجب 31 جولاءِ تي جڏهن مريم نيب ۾ پيش ٿي هئي ته نيب پاران مريم کان پڇو ويو هو ته چوڏري شگر ملز ۾ متحده عرب امارات جي شهرين سعيد سيد جبار السويدا ۽ نيصر عبدالله لوطا، برانيا جي شهري شيخ ذڪاءَ الله ۽ سعودي شهري حاني احمد جمجون ڪير آهن جن هن مل ۾ شيئر خريد ڪيا ۽ اهي بعد ۾ اوهان جي ڀائرن جي نالي منتقل ٿيا؟ هن ڪو به اطمينان بخش جواب نه ڏنو. جڏهن کائنس پڇيو ويو ته اوهان وٽ لنڊن ۽ مختلف ملڪن مان پرڏيهي ڪرنسي ۾ ايندڙ رقم ڪنهن، ڪٿان ۽ ڇو موڪلي ته ان جو به هن ڪو جواب نه ڏنو. ياد رهي ته مريم نواز چوڌري شگر ملز جي اهم ۽ وڏي حصيدار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو