مريم نواز ۽ يوسف عباس جو 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور

لاهور( م ڊ) لاهور جي احتساب عدالت نيب جي درخواست تي مريم نواز ۽ سندس سوٽ يوسف عباس جو 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ڇڏيو. نيب اربع تي مريم نواز ۽ يوسف عباس کي احتساب عدالت جي جج نعيم ارشد جي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ استعا ڪئي ته چوڌري شگر ملز ڪيس جي جاچ مڪمل ناهي ٿي 15 ڏينهن جو وڌيڪ جسماني رمانڊ ڏيو، عدالت 14 ڏينهن جو رماند ڏئي ڇڏيو. سندن عدالت م پيشي دوران سيڪورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. مسلم ليگ (ن) جا ڪارڪن به موجود هئا جن نعري بازي ڪئي. ياد رهي ته چوڌري شگر ملز ۾ مريم سڀ کان وڏي حصيدار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو