مريم نواز ڪراچي پهچي وئي، بلاول سان ملاقات

 ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جي جلسي ۾ شرڪت لاءِ پهتل مريم نواز مزارِ قائد تي حاضري بعد هوٽل پهچي وئي آهي. جتان فريش ٿي ڪجهه دير ۾ بلاول هائوس ويندي جتان بلاول سان گڏجي ڪارساز جي شهيدن جي يادگار تي ويندي، فاتحو ڪرڻ بعد باغ جناح جلسي کي خطاب لاءِ پهچندي. ان کان اڳ مريم نواز ايئرپورٽ کان قافلي جي صورت ۾ قائد اعظم جي مزار تي حاضري لاءِ پهتي. ليگي ڪارڪنن طرفان مريم نواز تي گلن جي ورکا ۽ رقص سان آجيان ڪئي، هن عمران خان جي ڌمڪين بابت چيو ته هڪ هارايل شخص جي تقرير ۾ ڪاوڙ ڀريل هئي، حڪومت کي هن وقت ڪجهه به نظر نه اچي رهيو آهي، انشاءَ الله ڪجهه ڏينهن ۾ سڀ ڪجهه نظر اچي ويندو، اسان پهرين به گرفتاريون ڀوڳيون آهن، ٻه ڀيرا ڪيترائي مهينا جيل ڪٽيو آهي هاڻي گرفتارين جو خوف نه آهي، وزيراعظم ڪنهن ٻئي کي ڌمڪيون ڏئي، گجرانوالا جلسي کي خطاب دوران نوازشريف وزيراعظم سان مخاطب نه هو، ميان صاحب عمران خان کي چيو ته وڏن جي ويڙهه ۾ توهان جو ڪو ڪم ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو