مريم نواز پنهنجي لاءِ کڏ پئي کوٽي، بلاول کي 7 خون معاف آهن، شيخ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پي ڊي ايم مئل هاٿي آهي، ٿڪل اپوزيشن هيل تائين ڪوبه فيصلو ناهي ڪري سگهي، گذريل ڊسمبر ۾ حڪومت کي گهر موڪلي رهيا هئا پر ٻيو ڊسمبر اچي ويو، مهانگائي خلاف چيمپئن بڻجڻ جي ڪوشش ڪندڙ سڀ کان وڏا چور آهن. اهڙو اظهار هن ميديا سان ڳالهائيندي ڪيو ، هن اپوزيشن کي مهڻا ڏيندي چيو ته هنن بابت عوام ڄاڻي چڪو آهي ته هي سڀ چور آهن، هن ملڪ ۾ مهانگائي جو اعتراف ته ڪيو پر ذميواري ماضي جي حڪومت مٿان وجهي ڇڏي.شيخ رشيد چيو ته مريم نواز ادارن خلاف ڳالهائي پاڻ لاءِ کڏ کوٽي رهي آهي، جنهن جا اثر دير تان رهندا، بلاول جي تنيد بابت سوال تي هن کلندي چيو ته هو ڀلي ڪجهه به ڳالهائي، کيس 7 سياسي خون معاف آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو