مريم نواز نائب صدر، شهباز شريف جي ٽيم آئوٽ، زرداري تي دٻاءُ

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نئين سر تنظيم ڪاري ڪندي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي نياڻي مريم نواز کي نائب صدر بڻائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهڙو اعلان ان وقت ڪيو ويو آهي جڏهن مسلم ليگ (ن) سخت دٻاءَ هيٺ آهي. مريم نواز ڳچ عرصي کان تنظيم ۾ اهم عهدي جي خواهشمند هئي ۽ هن نيٺ هڻي هنڌ ڪيو. نواز ليگ جي تنظيمي جوڙجڪ بابت پڌرائي بابت چيو ويو آهي ته اهڙو بيان شهبازشريف لنڊن مان جاري ڪيو آهي. پڌرائي مطابق شاهد خاقان عباسي کي سينيئر نائب صدر، احسن اقبال کي جنرل سيڪريٽري، رانا ثناءُ الله کي پنجاب جو صدر ۽ اويس لغاري کي پنجاب جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. پڌرائي موجب مفتاح اسماعيل سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ۽ علي اڪبر گجر سنڌ جو نائب صدر هوندا، مريم اورنگزيب کي پارٽي جي سڌ سماءَ واري سيڪريٽري ۽ ترجمان مقرر ڪيو ويو آهي، اسحاق ڊار پرڏيهي معاملن بابت پارٽي جو سربراه هوندو. بليغ الرحمان ۽ عطاءُ الله تارڙ پارٽي جا سيڪريٽري جنرل هوندا. پرويز ملڪ کي سيڪريٽري فنانس، طارق فاطمي کي سيڪريٽري پاليسي اينڊ ريسرچ ونگ ۽ عائشه رضا کي ميمبرشپ اينڊ ٽريننگ بابت سيڪريٽري مقرر ڪيو ويوآهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته عهديدارن جي مقرري پارٽي قائد نوازشريف ۽ پارٽي اڳواڻن جي مشاورت بعد ڪئي وئي، پڌرائي موجب (ن) ليگ جا ڪُل 16 نائب صدر مقرر ڪيا ويا آهن، مرڪزي ۽ صوبائي سطح تي موجود عهديدارن کي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سياسي م،بصرن جو چوڻ آهي ته پارٽي جي نئين سر جوڙجڪ مان ته اهو واضح پيغام ملي ٿو ته پارٽي جو صدر ته شهباز شريف آهي پر سموريون تقرريون ميان نوازشريف جي انتهائي ويجهن ماڻهن جون ڪيون ويون آهن ۽ شهباز شريف جو ڪو به خاص ماڻهواڳتي ناهي آيو. جهڙي طرح ميان شهباز شريف اپوزيشن ليڊر جو عهدو خواجا آصف ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمن شپ رانا تنوير جي حوالي ڪئي، اهي ٻئي پڻ نوازشريف جا مشڪل ترين وقت جا آزمايل ۽ ويجها ترين ماڻهو آهن. ان مان لڳي پيو ته صدارت ڇڏڻ ۽ جيل وڃڻ باوجود پارٽي تي مڪمل گرفت نواز شريف جي آهي ۽ هو پنهنجو جان نشين مريم نواز کي بنائڻ واري رٿا بندي ۾ مڪمل طور هن مهل تائين ڪامياب آهي. تازو ميڊيا ۾ اهڙيون خبرون پڻ هليون ته ميان نوازشريف هڪ قسم جي منفرد پلي بارگين لاءِ ذهن ٺاهي چڪو آهي پر مريم نواز کيس منع ڪئي هئي. ان باري ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري بيان به ڏنو هو. مريم نواز جي سياسي مستقبل ۽ پنهنجي جان نشيني يقيني بنائڻ بعد ميان نواز شريف ايئين ڪري به سگهي ٿو ۽ اهڙي صورتحال ۾ آصف زرداري تي به دٻاءُ وڌي سگهي ٿو، جيڪو هن مهل تائين اڪبر بگٽي جيان سياسي شهادت جو خواهشمند آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو