مريم نواز تي ٽيون ڪيس به داخل، 2200 جوابدار نامزد

لاهور(ويب ڊيسڪ)شاهدره ٿاڻي تي مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز سميت سندس پارٽي جي ٻين اڳواڻن خلاف ٽيون ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي. ايس ايڇ او زاهد جي مدعيت ۾ داخل ڪيل ڪيس ۾ مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز، ڪيپٽن رٽائرڊ محمد صفدر، ملڪ رياض، سميع الله خان، ملڪ پرويز، علي پرويز ملڪ، بلاول ياسين، سميع الله خان ۽ سيف الملوڪ کوکر سميت 2200 نامعلم ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر ۾ الزام هنيو ويو آهي ته مريم نواز ۽ ٻين شاهدره چوڪ تي ٽريفڪ بلاڪ ڪري شهرين کي پريشان ڪيو جڏهن ته ريلي ۾ حڪومتي اجازت کانسواءِ گاڏي کان ٻاهر اچي خطاب ڪيو ۽ حڪومت توڙي رياستي ادارن خلاف چڙ ڏياريندڙ تقريرون ڪيون.مريم نواز جو چوڻ آهي ته اوهان لڳي ٿو ڪجهه ڏينهن ۾ 22 ڪروڙ عوام تي به ڪيس داخل ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو