مريم نواز تي ٺهندڙ فلم، ڪردار ڪير نڀائي، ليگي ڪنفيوز

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ نواز جي سربراهه ميان نواز شريف جي نياڻي مريم نواز جي زندگي تي ٺهندڙ فلم بابت ليگي اڳواڻ حنا پرويز بٽ چيو آهي ته پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا صنم سعيد ۽ ايمان علي سانوري رنگ سبب ليڊنگ رول لاءِ فٽ ناهن. انڊپينڊنٽ اردو کي ڏنل انٽرويو ۾ هن وڌيڪ چيو ته  مريم نواز جي بائيو پڪچر لاءِ آپشنز ۾ مهوش حيات، زارا نور عباس، ماهرا خان ۽ حريم فاروق جا نالا هئا پر نون ليگي اڳواڻن سڀئي آپشن رد ڪري ڇڏيا. جواب ۾ سندس چوڻ هو ته انهن مان ماهرا خان کيس پسند آهي پر اها به هي رول نٿي ادا ڪري سگهي ڇو ته جيڪا مريم نواز جي شخصيت آهي ان کي انهن مان ڪير به نٿو نڀائي سگهي. حنا پرويز بٽ اهو به چيو ته کيس ايمان علي ۽ صنم سعيد پسند آهن پر پنهنجي سانوري رنگ سبب ٻئي مريم نواز جي ڪردار لاءِ ٺيڪ نه آهن. واضح رهي ته حنا پرويز بٽ پنهنجن بيانن سبب خبرن جو حصو بڻجندي رهي آهي. ان کان اڳ هن مريم نواز کي سلطنت عثمانيه جي باني عثمان اول جي والد ارطغرل جي قائداڻين صلاحيتن سان ڀيٽ ڏني هئي. حنا پرويز جو اهو ٽوئيٽ به وائرل ٿيو هو جنهن تي مٿس چمچا گيري بابت تنقيد به ٿي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو