مريض جي مائٽن پاران مار ڪٽ خلاف اسپتال عملي جو احتجاج

ھالاڻي (طارق جان سهتو) مقامي اسپتال ۾ مريض جي مائٽن پاران دسپينسر کي ڪٽڪو ڏيڻ خلاف پيراميديڪل اسٽاف احتجاج ڪيو. ملازمن پاران سرڪاري اسپتال م ٽوڙ ڦوڙ ۽ مارڪٽ ڪندڙن جي گرفتاري جو مطالبو. گذريل رات ٻن موٽرسائيڪلن جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيندڙ نوجوانن کي هالاڻي اسپتال کڻي اچڻ بعد زخمين جي وارثن پاران ملم پٽي ڪندڙ ڊسپينسر لعل بخش ڪلهوڙو کي تشدد ڪري زخمي ڪرڻ ۽ اسپتال ۾ هنگامو ڪرڻ خلاف پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي ڌرڻو هنيوويو، احتجاج تي ڊسپينسر لال بخش جي فرياد تي ستن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو پرڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي ڊاڪٽر ۽ عملو موجود هجڻ باوجود حملو ڪري تشدد ڪيو ويو. ڊاڪٽر ذوالفقار سهتو، ايم ايس ڊاڪٽر شبير ميمڻ ۽ لوئراسٽاف تعلقه محرابپور جي صدر ارشاد انڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ويو. هنن چيو ته جوابدارن جي گرفتاري تائين احتجاج جاري رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو