مريضن جي خدمت خدا جي بهترين عبادت آهي، ايم ايس

نوشهروفيروز  (رپورٽ اسد علي عمراڻي)سول اسپتال جي نئين آيل ايم ايس ڊاڪٽر محمد يوسف نول پاران آچر تي موڪل واري ڏينهن ايمرجنسي وارڊ , سي سي يو , انڊور وارڊن جو اوچتو دورو ڪيو ۽ باٿرومن سميت وارڊن ۾ صفائيء جو معائنو ڪيو ان موقعي تي هن عملي ۽ ڊاڪٽرن کي هدايت ڪئي ته الله پاڪ کي حاضر سمجهي غريب ۽ بيپهچ مريضن جي خدمت خدا جي بهترين عبادت آهي، ماڻهن جي خدمت ڪريو مريضن سان اخلاق سان پيش اچو ۽ علاج ۾ ڪابه ڪوتاهي برداشت ڪو نه ڪندس. هن چيو ته مريض الله جي سهاري اسان وٽ اچن ٿا انهن کي رليف نه ڏينداسين ته الله کي ڪهڙو جواب ڏينداسين صفائي تي نو ڪمپرومائز هوندو. ان موقعي تي ايم ايس مريضن سان عيادت ڪئي شڪايتون معلوم ڪيون جتي کيس ٻڌايو ويو ته دوائن جي کوٽ آهي ان تي هن حڪم ڏنو ته آئنده اهڙي شڪايت نه ٿيڻ کپي اسپتال ۾ دوائون موجود آهن اهي ورتيون وڃن ته جيئن ٻيهر شڪايت نه ٿئي ان موقعي تي ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ سهتو ۽ آل سنڌ پيپلز پئرا ميڊيڪل اسٽاف جو اڳواڻ هدايت الله سولنگي به ساڻس گڏ هيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو