مريخ جي مٽي نه آئي، ناساجي سائنسدانن کي مايوسي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ناسا پاران مريخ تي موڪليل خلائي گاڏي ’پرسيويرينس‘ پاران ڊرل ڪري حاصل ڪيل مٽي وارو تجربو ناڪام ٿيو آهي. ناسا پاران ان تي عارصي مايوسي جو اظهار ته ڪيو ويو آهي پر ساڳئي وقت اميد به ظاهر ڪئي وئي آهي ته ايندڙ وقت ۾ ان ۾ ڪاميابي ضرور ملندي. ڪار جي سائيز جي هي خلائي گاڏي موڪلڻ جا ٻه مقصد هئا هڪ ته مريخ تي اڳ ۾ زندگي جي آثارن جو پتو لڳائڻ ۽ ٻيو مريخ جي مٽي حاصل ڪرڻ ته جيئن ان تي تجربا ڪري سگهجن. مريخ جي ’جيزيرو ڪريٽر‘ تي فيبروري ۾ هن خلائي گاڏي لينڊ ڪيو هو ۽ 6 آگسٽ تي ڊرل ڪري سوراخ مان مٽي حاصل ڪئي هئي جيڪا ٽيوب ذريعي زمين تي اچڻي هئي. اتفاق سان ٽيوب خالي آهي ان ۾ ڪا مٽي ناهي. 2.7 ارب ڊالر جي هن مشن سان لاڳاپيل ٽيم چيو آهي ته اسين ٻيهر مريخ جي مٽي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو