مريخ جي ماحول جا آواز رڪارڊ ڪرڻ واري خلائي گاڏي تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي خلائي تحقيقي اداري ناسا مريخ تي جيڪا خلائي گاڏي موڪلي رهي آهي ان ۾ ٻه مائيڪرو فون به لڳل آهن. هي پهريون ڀيرو آهي ته ڪنهن ملڪ جي مشن ۾ مائيڪرو فون لڳل آهن جيڪي خلائي گاڏي جي ليندنگ، ٻين اوزارن جي ڪم ڪرڻ وقت ان جي نڪرندڙ آوازان ۽ خود مريخ تي موجود ماحول جي آوازن جي رڪارڊنگ ڪري سگهندو، اوهان جلد ڳاڙهي سياري تي ٿيندڙ چر پر جا آواز ٻڌي سگهندا. هن وقت تائين خلائي گاڏين ۾ لڳايل مائيڪرو فون مختلف سببن جي ڪري خراب ٿيندا رهيا ۽ رڪاترڊگ نه ڪري سگهيا. هي پهريون موقعو هوندو ته ناسا جي خلائي گاڏي مريخ تي موجود ماحول جو آواز رڪارڊ به ڪندي. ياد رهي ته 19 جولاءِ تي متحده عرب امارات جاپان جي مدد سان خلائي تحقيقاتي مشن موڪليو ، جنهن بعد 23 جولاءِ تي چين جو مشن روانو ٿيو ۽ هاڻي موسم ٺيڪ رهي ته 30 جولاءِ تي ناسا جو مشن روانو ٿيندو. ان کان اڳ روس ۽ يورپ جا مشن ناڪم ٿي چڪا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو