مريخ تي پهتل چيني روبوٽ جو ڪامياب مشن جاري

بيجنگ (ويب ڊيسڪ)چين جي اسپيس ايجنسي پنھنجي خلائي گاڏي “زورونگ روور” جون مريخ جي سطح تي لھڻ جون وڊيوز جاري ڪيو آھن۔ ھي تصويرون ھڪ وائرليس ڪيمرا جي ذريعي ڪڍيون ويون آھن، اھا ڪيمرا ان خلائي گاڏي مريخ جي سطح تي رکي ھئي۔ مئي جي مھيني ۾ ميڊيا  لاء جاري ڪيل تصويرن ۾ زورونگ جي مريخ تي لھڻ جي سڀني مرحلن جا فوٽو شامل آھن۔ جنھن ۾ ان جي پيرا شوٽ کولڻ ۽ لھڻ جا لمحا به شامل آھن۔ ڇھن ڦيٿن وارو ھي روبوٽ گاڏي مريخ جي ھڪ اھڙي خطي تي تحقيق ڪري رھي آھي جيڪو يوٽوپيا پلينيٽيا جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو۔ چين جي نيشنل اسپيس ايجنسي (سي اين ايس اي) جو چوڻ آھي ته زورونگ مريخي ڏينهن يعني سول (27جون تائين)236 ملين ڪلو ميٽر جو مفاصلو طئي ڪيو آھي۔ سول اصل ۾  مريخ جي ڏينھن کي چوندا آھن جيڪو زمين جي ڏينھن کان ٿورو وڏو ٿيندو آھي يعني 24 ڪلاڪ 39 منٽ۔ تازا ترين وڊيوز ڳاڙھي سياري جي چوگرد مدار ۾ موجود چيني سياري “تيانون” جي مدد سان زمين تي موڪليو آھن۔ سي اين ايس اي جي ھڪ بيان ۾ چيو ويو آھي ته مريخ جي مدار ۾ موجود خلائي گاڏي ۽ خود روور سٺي حالت ۾ آھن۔ اھا مريخ تان ڪميونسٽ پارٽي ۽ مادري وطن کي بحفاظت اطلاعات موڪلي رھي آھي ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي 100 سالا تاسيس جي موقعي تي ھن ڪم لاء نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو اٿن۔  ياد رھي ته پھرين جولاء تي چين ڪميونسٽ پارٽي پنھنجي قيام جي سوين سالگرھ منائي رھي آھي۔

Photo CNSA

  ان موقعي تي ھڪ وڊيو جاري ڪرڻ جي اڳ ۾ ئي توقع ھئي۔ خاص طور ته مريخ تي گاڏي لھڻ جي جيڪا 14 مئي تي لٿي ھئي۔ اڃا به ان پيراشوٽ جو جائزو ھلي رھيو آھي۔ ھن وڊيو ۾ پري پري تائين مريخ جي تھ به تھ وسيع ۽  ڦھليل ماحول جي نظر بندي / عڪاسي ٿئي ٿي۔ رليز ٿيل وڊيو ۾ اسان زورونگ ۽ ان جو لھڻ واري بنياد تي ڪيپسول جو پويون حصو پري ٿيندي نظر اچي رھي آھي ۽ آخر ۾ مريخ جي سطح جو تهه در تهه نظارو ڏيکارڻ واري ڪيمرا ھيٺ لھڻ واري گھڙي کي پنھنجي اک ۾ محفوظ ڪري ڇڏي ٿي۔ جنھن مان اھا خبر پئي ٿي ته پليٽ فارم جو براڪنگ راڪيٽ موٽر زوردار ڌماڪي سان مريخ جي سطح تي لھي ٿو ۽ ڌوڙ اڏامي ٿي. رليز ڪيل وڊيو ۾ مريخ جي  سطح جا ٽي وڊيوز آھن، پھرين وڊيو اھا آھي جڏھن ظاھري طور زورونگ جي وائرليس ڪيمرا کي مريخ جي سطح تي اڇليو، ان وڊيو ۾ روبوٽ کي پوئتي ھٽندي ڏسي سگھجي ٿو، ٻي وڊيو ۾ زورونگ پنھنجي لھڻ واري بنياد جي ويجھو لٿو ته ان جا ڦيٿا ھوريا ھوريا گھمي رھيا آھن۔ سي اين ايس اي پھريان به ھن منظر جي ھڪ وڊيو جاري ڪئي ھئي۔ ٽئين ۽ آخري وڊيو ۾ روور جي لھڻ جي خلاصي کي عڪس  بند ڪيو ويو آھي۔ ھن پوري وڊيو جي باري ۾ دلچسپ / مزيدار ڳالھ ھي آھي ته اسان سٺي نموني سان آواز به ٻڌي سگھوٿا۔   اسان ھن لھڻ واري مرحلي جي دوران روبوٽ جي لوڪوموشن سسٽم کي ٻڌي سگھو ٿا۔ مريخ جي ماحول جي نوعيت جو مطلب شور بلڪل ان جھڙو نه آھي جھڙو زمين جي سطح تي ٻڌڻ ۾ ايندو آھي۔ 

Photo BBC/NASA

ھي شور گڏيل طور مليل جليل  آھي۔ سائنسدان اميد ڪري رھيا آھن ته زورونگ گھٽ ۾ گھٽ  90 مريخي  ڏينھن اتي گذاريندو۔  زورونگ روبوٽ امريڪي خلائي اداري (ناسا) جي اسپرٽ ۽ اپرچونٽي روبوٽ گاڏين جھڙو ڏسڻ ۾ اچي ٿو جيڪي امريڪا 2010 جي ڏھائي ۾ مريخ تي موڪليون ھيو۔ ھن چيني خلائي گاڏي جووزن تقريبن 240 ڪلو گرام آھي۔ ان ۾ ھڪ وڏي ڊگھي ڪيمرا لڳيل آھي جيڪا تصويرو ن ڪڍڻ سان گڏو گڏ نيويگيشن / رستو ڳولڻ ۾ به مدد ڪري ٿي۔ ان ۾ پنج  اضافي اوزار مريخ جي پھاڙن  جي معدنيات ۽ موسم سميت ماحول جي سراسري جائزي جي معلومات گڏ ڪري رھيا آھن۔ موجوده امريڪي خلائي گاڏيون (ڪيوراسٽي ۽ پريزيورنس) وانگر زورونگ سان به ھڪ ليزر اوزار گڏ آھي ته جئين مريخ جي پھاڙن کي ڀڃي ڪري ان جو ڪيميائي تجزيو ڪري سگھي، ان ۾ مريخ  جي اندر برف جي ڳولا لاء ريڊار به موجود آھي۔ ياد رھي ته پريزيويرنس جي مريخ تي لھڻ جي وڊيوز ناسا 18 فروري تي جاري ڪيو ھيو۔

پهنجو تبصرو موڪليو