مروا ڪيس ۾ ڪچرو ميڙيندڙ 2 افغاني جوابدار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي عيسي نگري واري علائقي ۾ معصوم ٻارڙي مروه کي زيادتي بعد بيدردي سان قتل ڪرڻ واري مامري جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي، پوليس وڌيڪ ٻن جوابدارن عبدالله ۽ فيضو افغاني کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس ذريعن جاچ ۾ ٻنهي جوابدارن خلاف اهم شاهديون ملڻ جو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته جوابدار فيضو ٻارڙي مروا کي اغوا ڪيو ۽ زيادتي جي ڪوشش ڪئي، جوابدار عبدالله ٻارڙي کي زيادتي جو نشانو بڻايو هو، قتل بعد به ٻارڙي مروا سان زيادتي جو انڪشاف، پوليس ذريعن چيو آهي ته ٻارڙي جو لاش پهرين هڪ ڪوٽ ۾ ويڙهيو ويو ۽ ٽرالي ۾ رکي ڪچرو وجهڻ بعد خالي پلاٽ تي اُڇليو ويو، پوليس ذريعن موجب ٻنهي جوابدارن  سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ به پاڪستان مان ٺهرائي ورتا آهن، جوابدار مروا جي علائقي ۾ ئي رهندا هئا ۽ ڪچرو کڻڻ جو ڪم ڪندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو