مرتضيٰ ڀٽو جي ساٿي شهيد غلام مصطفيٰ مري جي ورسي

نوشهروفيروز(مشتاق مري) مير مرتضيٰ ڀٽو جي ساٿي سپاف جي مرڪزي اڳواڻ شهيد غلام مصطفيٰ مري جي 22هين ورسي ڳوٺ عيسيٰ خان مري ۾ ملهائي وئي. ورسي کي خطاب ڪندي پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻن فقير رسول بخش مڱريون، رحيم بخش کوسو، غلام مجتبيٰ مري، وزير وڳڻ، ڪامريڊ علي محمد جمالي، ڏاڏو عرض محمد مري، ظفر کوسو، عبدالرزاق رند، يونس جمالي، خالد حسين چانڊيو ۽ ٻين چيو ته مير مرتضيٰ ڀٽي جا سپاهي اڄ به حق ۽ سچ جي راهه تي هلي رهيا آهن مير جي شهادت کان پوءِ جن ماڻهن سمجهيو هو ته پ پ شهيد ڀٽو ختم ٿي وئي آهي اها انهن جي ڀل هئي. پ پ شهيد ڀٽو هن ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي ڀلي اسٽيبلشمينٽ ان جي اڳيان ڪيتريون به ديوارون کڙيون ڪري پر اسان چيئرمين غنويٰ ڀٽو ۽ فاطمه ڀٽو جي قيادت ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ڏنل واٽ تي هلندي هن ملڪ ۾ انقلاب آڻينداسين. هنن چيو ته شهيد غلام مصطفيٰ مري شاگردن جي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي کيس ان جي ڪري ئي شهيد ڪيو ويو پر هو اڄ به پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن لاءِ هيرو بڻيل آهي. کيس ان وقت تائين پ پ شهيد ڀٽي جي ڪارڪن ۽ پنهنجن وارثن ناهي وساريو اهو ئي سبب آهي جو اڄ به سندس مزار تي هزارين ڪارڪن گڏ ٿي کيس سلام پيش ڪري رهيا آهن. تقريب کان پهرين آيل قيادت سوين ڪارڪنن سان گڏجي شهيد غلام مصطفيٰ مري جي مزار تي حاضري ڀري دعا گهري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو