مراد علي شاهه بعد عثمان بوزادر به نيب ۾ 12 آگسٽ تي طلب

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو يعني نيب لاهور پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان خان بوزدار کي 12 آگسٽ تي اختيارن جي غلط استعمال جي ڪيس ۾ پڇا ڳڇا لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.مٿس الزام آهي ته هن هڪ هوٽل کي شراب جو لائسنس جاري ڪرڻ ۾ پنهنجي اختيارن جو مبينه غير قانوني استعمال ڪندي اثر انداز ٿيو آهي. نيب جو چوڻ آهي ته شراب جو لائسنس جاري ڪرڻ ڊائريڪٽر جنرل ايڪسائيز جو اختيار آهي. ياد رهي ته کنڊ تي 3 ارب جي سبسڊي ڏيڻ کي به ايف آءِ اي غير قانوني قرار ڏئي چڪي آهي ۽ ان جو ذميوار به کيس قرار ڏنو ويو هو . اهو ڪيس به نيب وٽ موجود آهي پر ان وڏي اسڪينڊل بدران هن معمولي ڪيس ۾ کيس گهرائي خانه پوري ڪئي پئي وڃي. نيب سيد مراد علي شاهه خلاف اڳ ۾ ئي ڪاروائي ڪري چڪو آهي ڪجهه مبصرن جو چوڻ آهي ته بوزدار کي طلب ڪري اهو تاثر ڏيڻو آهي ته نيب سڀني خلاف اڻ ڌري ڪاروائي ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو